نئين عهد نامي

يوحنا 11:1-7 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. لعزر نالي ھڪ ماڻھو جيڪو بيت⁠عنياہ ۾ رھندو ھو سو بيمار ٿي پيو. بيت⁠عنياہ اھو ڳوٺ آھي جنھن ۾ مريم ۽ سندس ڀيڻ مارٿا رھنديون ھيون.

2. ھيءَ مريم اھا ھئي جنھن خداوند کي عطر مکي پنھنجن وارن سان سندس پير اُگھيا ھئا، تنھن جو ڀاءُ لعزر بيمار ھو.

3. ٻنھي ڀينرن عيسيٰ کي چوا ئي موڪليو تہ ”خداوند! اوھان جو پيارو دوست بيمار آھي.“

4. عيسيٰ اھو ٻڌي چيو تہ ”لعزر جي اھا بيماري موت واري نہ آھي، بلڪ انھيءَ سان خدا جو جلال ظاھر ٿيندو، ڇالاءِ⁠جو سندس فرزند جي واکاڻ ٿيندي.“

5. عيسيٰ جو مارٿا، سندس ڀيڻ ۽ لعزر سان پيار ھو.

6. مگر لعزر جي بيماريءَ بابت ٻڌڻ جي باوجود بہ ھو جتي ھو اتي ٻہ ڏينھن وڌيڪ ترسي پيو.

7. پوءِ ھن شاگردن کي چيو تہ ”ھلو تہ يھوديہ ڏانھن موٽي ھلون.“

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 11