نئين عهد نامي

يوحنا 10:8-22 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

8. ٻيا جيڪي ⁠بہ مون کان اڳ ۾ آيا ھئا سي چور ۽ ڌاڙيل ھئا، پر رڍن انھن جي نہ ٻڌي.

9. آءٌ اھو در آھيان ۽ جيڪو بہ مون مان اندر گھڙندو سو بچي ويندو. ھو اندر ٻاھر ايندو ويندو ۽ گاھہ بہ ملندس.

10. چور رڳو انھيءَ مطلب لاءِ اچي ٿو تہ چوري ڪري، ماري ۽ برباد ڪري. پر آءٌ انھيءَ لاءِ آيو آھيان تہ کين زندگي ملي، بلڪ ڀرپور زندگي ملين.

11. آءٌ چڱو ريڍار آھيان ۽ چڱو ريڍار رڍن لاءِ پنھنجي جان بہ ڏئي ٿو.

12. جيڪو مزور آھي سو نہ ريڍار آھي ۽ نڪي رڍن جو مالڪ. ھو جڏھن بگھڙ کي ايندي ڏسي ٿو تہ رڍن کي ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو ۽ بگھڙ رڍن تي حملو ڪري کين ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏي ٿو.

13. مزور ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھو رڳو مزور آھي ۽ کيس رڍن جو ڪو فڪر ڪونہ آھي.

16. منھنجون ٻيون بہ رڍون آھن جيڪي ھن واڙي جون نہ آھن. انھن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آھي. اھي منھنجو آواز ٻڌنديون ۽ پوءِ ھڪڙو ئي ڌڻ ۽ ھڪڙو ئي ڌنار ٿيندو.

17. پيءُ مون سان انھيءَ لاءِ پيار ٿو ڪري جو آءٌ پنھنجي جان ٿو ڏيان، جڏھن تہ اھا وري مون کي موٽي ملندي.

18. ڪوبہ ماڻھو مون کان اھا کسي نہ ٿو پر آءٌ اھا پنھنجي مرضيءَ سان ٿو ڏيان. مون کي پنھنجي جان ڏيڻ جي اختياري آھي ۽ اھا وري موٽائي وٺڻ جي بہ اختياري آھي. ھي حڪم مون کي پنھنجي پيءُ وٽان مليو آھي.“

19. ھنن لفظن ٻڌڻ کان پوءِ ماڻھن ۾ وري ڏڦيڙ پئجي ويو.

20. انھن مان ڪيترائي ائين پيا چون تہ ”ھن ۾ ڀوت آھي، ھو چريو آھي. اوھين ڇو سندس ڳالھين تي ڌيان ڏيو ٿا؟“

21. پر ٻيا چئي رھيا ھئا تہ ”جنھن ماڻھوءَ ۾ ڀوت ھوندو آھي، سو ھن وانگر ڳالھائي نہ سگھندو آھي. ڀوت ڪنھن انڌي جون اکيون کولي سگھي ٿو ڇا؟“

22. يروشلم ۾ عيد تجديد ھئي ۽ اھا سياري جي موسم ھئي.

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 10