نئين عهد نامي

يوحنا 10:5-8 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

5. اھي ڪنھن ڌارئي جي پٺيان نہ ھلنديون، بلڪ انھيءَ کان پري ڀڄي وينديون، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي ڌارين جو آواز نہ ٿيون سڃاڻين.“

6. عيسيٰ انھن کي ھي مثال ٻڌايو پر انھن نہ سمجھيو تہ ھو ڇا چئي رھيو آھي.

7. سو عيسيٰ وري چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ رڍن لاءِ اھو در آءٌ آھيان.

8. ٻيا جيڪي ⁠بہ مون کان اڳ ۾ آيا ھئا سي چور ۽ ڌاڙيل ھئا، پر رڍن انھن جي نہ ٻڌي.

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 10