نئين عهد نامي

يوحنا 10:37-42 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

37. جيڪڏھن آءٌ پيءُ جا ڪم نہ ڪندو ھجان تہ اوھين مون تي ايمان نہ آڻيو.

38. پر جيڪڏھن پيءُ جا ڪم ڪريان ٿو، تہ اوھين ڀل مون تي ايمان نہ آڻيو پر منھنجي انھن ڪمن تي تہ ايمان آڻيو، تہ جيئن اوھان کي خبر پوي ۽ سمجھو تہ پيءُ مون ۾ آھي ۽ آءٌ پيءُ ۾ آھيان.“

39. تنھن تي انھن وري بہ عيسيٰ کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھو سندن ھٿن مان نڪري ويو.

40. عيسيٰ موٽي وري اردن درياءَ جي ھُن ڀر انھيءَ جاءِ تي آيو، جتي اڳي يحيٰ بپتسما ڏيندو ھو. ھو اتي رھي پيو.

41. ڪيترائي ماڻھو وٽس ايندا ھئا. ھو چوندا ھئا تہ ”يحيٰ تہ ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو، پر جيڪي ڳالھيون ھن ماڻھوءَ بابت چيائين سي سڀ پوريون ٿيون.“

42. اتي ڪيترن ئي ماڻھن مٿس ايمان آندو.

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 10