نئين عهد نامي

يوحنا 10:31-36 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

31. تنھن تي يھودين کيس سنگسار ڪرڻ لاءِ وري بہ پٿر کنيا.

32. عيسيٰ کين چيو تہ ”مون پيءُ جي پاران ڪيترائي چڱا ڪم اوھان کي ڪري ڏيکاريا آھن. انھن مان ڪھڙي ڪم جي ڪري اوھين مون کي سنگسار ڪريو ٿا؟“

33. تنھن تي يھودين وراڻيس تہ ”اسين تو کي ڪنھن چڱي ڪم ڪرڻ ڪري سنگسار نہ ٿا ڪريون پر ڪفر بڪڻ ڪري، ڇالاءِ⁠جو تو انسان ٿي ڪري پاڻ کي خدا سڏايو آھي.“

34. عيسيٰ چيو تہ ”ڇا اوھان جي شريعت ۾ اھو لکيل نہ آھي تہ خدا چيو تہ ’اوھين خدا جا فرزند آھيو.‘

35. خدا انھن کي پنھنجا فرزند سڏيو جن کي سندس ڪلام مليل ھو ۽ خدا جو ڪلام ھميشہ لاءِ سچو آھي.

36. جيتري قدر منھنجو واسطو آھي تہ پيءُ مون کي چونڊيو آھي ۽ ھن دنيا ۾ موڪليو آھي. پوءِ اوھين ڪيئن چئو ٿا تہ مون ڪفر بڪيو آھي جو مون چيو تہ ’آءٌ خدا جو فرزند آھيان؟‘

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 10