نئين عهد نامي

يوحنا 10:17-26 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

17. پيءُ مون سان انھيءَ لاءِ پيار ٿو ڪري جو آءٌ پنھنجي جان ٿو ڏيان، جڏھن تہ اھا وري مون کي موٽي ملندي.

18. ڪوبہ ماڻھو مون کان اھا کسي نہ ٿو پر آءٌ اھا پنھنجي مرضيءَ سان ٿو ڏيان. مون کي پنھنجي جان ڏيڻ جي اختياري آھي ۽ اھا وري موٽائي وٺڻ جي بہ اختياري آھي. ھي حڪم مون کي پنھنجي پيءُ وٽان مليو آھي.“

19. ھنن لفظن ٻڌڻ کان پوءِ ماڻھن ۾ وري ڏڦيڙ پئجي ويو.

20. انھن مان ڪيترائي ائين پيا چون تہ ”ھن ۾ ڀوت آھي، ھو چريو آھي. اوھين ڇو سندس ڳالھين تي ڌيان ڏيو ٿا؟“

21. پر ٻيا چئي رھيا ھئا تہ ”جنھن ماڻھوءَ ۾ ڀوت ھوندو آھي، سو ھن وانگر ڳالھائي نہ سگھندو آھي. ڀوت ڪنھن انڌي جون اکيون کولي سگھي ٿو ڇا؟“

22. يروشلم ۾ عيد تجديد ھئي ۽ اھا سياري جي موسم ھئي.

23. عيسيٰ ھيڪل جي سليماني ڏيڍيءَ ۾ گھمي رھيو ھو

24. تہ ماڻھو چوڌاري ڦري آيس ۽ چيائونس تہ ”ڪيستائين تون اسان کي شڪ ۾ رکندين؟ اسان کي صاف سچ ٻڌاءِ تہ ڇا تون مسيح آھين؟“

25. عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”مون تہ اوھان کي ٻڌايو آھي، پر اوھان ايمان نہ ٿا آڻيو. جيڪي ڪم آءٌ پنھنجي پيءُ جي اختياريءَ سان ڪريان ٿو سي ئي منھنجي شاھدي ٿا ڏين.

26. پر اوھين ايمان نہ ٿا آڻيو، ڇالاءِ⁠جو اوھين منھنجين رڍن مان نہ آھيو.

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 10