نئين عهد نامي

يوحنا 10:1-9 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو ماڻھو رڍن جي واڙي ۾ در کان نہ ٿو گھڙي پر ڪنھن ٻئي پاسي کان ٽپي اچي ٿو، سو چور ۽ ڌاڙيل آھي.

2. جيڪو ماڻھو در کان واڙي ۾ گھڙي ٿو سو رڍن جو ريڍار آھي.

3. دربان ھن لاءِ در کولي ٿو ۽ رڍون ھن جو آواز ٻڌن ٿيون. ھو نالو وٺي پنھنجين رڍن کي سڏي ٿو ۽ کين ٻاھر آڻي ٿو.

4. جڏھن ھو انھن سڀني کي ٻاھر ڪڍي اچي ٿو، تڏھن ھو سندن اڳيان ٿي ھلي ٿو ۽ رڍون ھن جي پٺيان ھلن ٿيون، ڇالاءِ⁠جو اھي ھن جو آواز سڃاڻن ٿيون.

5. اھي ڪنھن ڌارئي جي پٺيان نہ ھلنديون، بلڪ انھيءَ کان پري ڀڄي وينديون، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي ڌارين جو آواز نہ ٿيون سڃاڻين.“

6. عيسيٰ انھن کي ھي مثال ٻڌايو پر انھن نہ سمجھيو تہ ھو ڇا چئي رھيو آھي.

7. سو عيسيٰ وري چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ رڍن لاءِ اھو در آءٌ آھيان.

8. ٻيا جيڪي ⁠بہ مون کان اڳ ۾ آيا ھئا سي چور ۽ ڌاڙيل ھئا، پر رڍن انھن جي نہ ٻڌي.

9. آءٌ اھو در آھيان ۽ جيڪو بہ مون مان اندر گھڙندو سو بچي ويندو. ھو اندر ٻاھر ايندو ويندو ۽ گاھہ بہ ملندس.

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 10