نئين عهد نامي

يعقوب 4:2-5 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

2. اوھين ڪنھن شيءِ جي خواھش تہ ڪريو ٿا، پر مليوَ ڪجھہ بہ ڪونہ ٿو. اوھين خون ٿا ڪريو، لالچ ٿا ڪريو، پر حاصل ڪجھہ بہ نہ ٿا ڪري سگھو. اوھين جھيڙا ۽ جنگيون ٿا ڪريو، پر اوھان کي ڪجھہ بہ ھٿ نہ ٿو اچي، ڇالاءِ⁠جو اوھين خدا کان ڪونہ ٿا گھرو.

3. جڏھن اوھين گھرو ٿا تڏھن بہ ڪونہ ٿو مليوَ، ڇوتہ اوھين بري نيت سان ٿا گھرو، انھيءَ لاءِ تہ پنھنجي عيش عشرت ۾ خرچ ڪريو.

4. اي بي⁠وفا انسانو! ڇا اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ دنيا جي دوستي خدا سان دشمني آھي؟ تنھنڪري جيڪو ماڻھو دنيا جو دوست ٿيڻ ٿو گھري، سو پاڻ کي خدا جو دشمن ٿو بڻائي.

5. ڇا اوھين ائين ٿا سمجھو تہ پاڪ ڪلام جو ائين چوڻ اجايو آھي تہ ”جيڪو پاڪ روح ھن اسان ۾ رھڻ لاءِ وڌو، سو سخت غيرتمند آھي؟“

مڪمل باب پڙهڻ يعقوب 4