نئين عهد نامي

يعقوب 3:3-13 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

3. جڏھن اسين گھوڙن کي تابعدار بنائڻ لاءِ سندن وات ۾ لغام ٿا وجھون، تڏھن انھن جي سڄي بدن کي بہ ڦيري ٿا سگھون.

4. سامونڊي جھازن جو ئي کڻي مثال وٺو، جيتوڻيڪ اھي تمام وڏا ٿا ٿين ۽ تيز ھوائن سان ڌڪجي ٿا ھلن، تڏھن بہ تمام ننڍي ونجھہ جي وسيلي، انھن کي ھلائڻ وارو جيڏانھن بہ چاھي ڦيرائي ٿو سگھي.

5. ساڳيءَ طرح زبان بہ ھڪڙو ننڍو عضوو آھي، پر وڏيون وڏيون ٻٽاڪون ٿي ھڻي. غور ڪريو تہ ھڪ ننڍڙي چڻنگ جي وسيلي ڪيڏي نہ وڏي ٻيلي کي باھہ ٿي لڳي.

6. زبان حقيقت ۾ ھڪ باھہ آھي. اھا اسان جي عضون منجھہ بڇڙائيءَ جو ھڪ جھان آھي. زبان اسان جي سڄي بدن کي خراب ٿي ڪري ۽ اسان جي زندگيءَ جي ساري چرخي کي باھہ ٿي لڳائي، ڇالاءِ⁠جو کيس ئي دوزخ کان باھہ ٿي لڳي.

7. اھا حقيقت آھي تہ ھر قسم جا جانور، پکي، جيت ۽ سامونڊي ساھوارا وس ۾ آڻي سگھجن ٿا، بلڪ ماڻھن انھن کي وس ۾ آندو بہ آھي.

8. پر زبان کي ڪوبہ ماڻھو وس ۾ آڻي نہ ٿو سگھي. اھا ھڪ اھڙي بلا آھي جا روڪڻ جي ئي ڪونھي. اھا موتمار زھر سان ڀريل آھي.

9. جنھن زبان سان اسين خداوند ۽ پيءُ جي واکاڻ ٿا ڪريون تنھن سان ئي ماڻھن کي پاراتو ٿا ڏيون، جيڪي خدا جي صورت تي پيدا ٿيل آھن.

10. سو ساڳئي ئي وات مان دعا بہ ٿي نڪري ۽ پاراتو بہ. اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ائين ٿيڻ نہ گھرجي.

11. ڇا چشمي جي ھڪڙي ئي منھن مان مٺو ۽ کارو پاڻي نڪري سگھي ٿو؟

12. اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ڇا انجير جي وڻ مان زيتون، يا انگورن جي ول مان انجير پيدا ٿي سگھن ٿا؟ اھڙيءَ طرح کاري پاڻيءَ جو چشمو مٺو پاڻي نہ ٿو ڏئي سگھي.

13. اوھان ۾ ڏاھو ۽ سمجھو ڪير آھي؟ انھيءَ کي گھرجي تہ ھو پنھنجي چڱيءَ ھلت چلت جي وسيلي ڏاھپ واري نماڻائيءَ سان پنھنجو عمل ڏيکاري.

مڪمل باب پڙهڻ يعقوب 3