نئين عهد نامي

يعقوب 2:17-26 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

17. ساڳيءَ طرح ايمان جيڪڏھن عمل کان سواءِ آھي تہ اھو پنھنجو پاڻ ئي مئل آھي.

18. پر ڪو ماڻھو چئي سگھي ٿو تہ ”تو وٽ ايمان آھي ۽ مون وٽ عمل آھي.“”چڱو ڀلا، تون عمل کان سواءِ پنھنجو ايمان مون کي ڏيکار ۽ آءٌ پنھنجن عمل سان تو کي پنھنجو ايمان ڏيکاريندس.“

19. تون ايمان ٿو آڻين تہ خدا ھڪڙو آھي، ٺيڪ آھي. اھا ڳالھہ تہ بدروح بہ مڃين ٿا ۽ اھي ڏڪن بہ ٿا.

20. پر اي بيوقوف ماڻھو! ڇا تون ايترو نہ ٿو سمجھي سگھين تہ عمل کان سواءِ ايمان بيڪار آھي؟

21. ڇا اسان جو پيءُ ابراھيم عمل جي ڪري سچار نہ بڻايو ويو، جڏھن ھن پنھنجي پٽ اسحاق کي قربان⁠گاھہ تي نذر ٿي ڪيو؟

22. ھاڻي تون سمجھي ٿو سگھين تہ ابراھيم جي ايمان سندس عمل سان گڏجي ڪم ٿي ڪيو ۽ عمل جي ڪري ئي سندس ايمان ڪامل ٿيو.

23. اھڙيءَ طرح پاڪ ڪلام جي اھا ڳالھہ پوري ٿي تہ”ابراھيم خدا تي ايمان آندو۽ اھو ايمان ھن لاءِ سچائي ليکيو ويو.“ انھيءَ ڪري ھو خدا جو دوست سڏيو ويو.

24. سو اوھين ڏسو ٿا تہ ماڻھو رڳو ايمان جي ڪري نہ، بلڪ عمل جي ڪري سچار ٿو بڻجي.

25. ساڳي ئي طرح راحب جيڪا ڪسبياڻي ھئي، تنھن بہ جڏھن قاصدن کي پاڻ وٽ ٽڪايو ۽ کين ٻئي رستي کان روانو ڪري ڇڏيو، تڏھن ڇا ھوءَ پنھنجن عملن جي ڪري سچار نہ بڻي؟

26. تنھنڪري جيئن روح کان سواءِ بدن مئل آھي، تيئن عمل کان سواءِ ايمان بہ مئل آھي.

مڪمل باب پڙهڻ يعقوب 2