نئين عهد نامي

يعقوب 1:16-27 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

16. اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! دوکو نہ کائو.

17. ھر چڱي بخشش ۽ ھر ڪامل انعام مٿان ٿو اچي، يعني انھيءَ خدا پيءُ وٽان ھيٺ ٿو لھي، جيڪو آسماني روشنين جو پيدا ڪندڙ آھي. ھو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي.

18. ھن پنھنجي ارادي سان اسان کي سچ جي ڪلام جي وسيلي پيدا ڪيو، انھيءَ لاءِ تہ اسين سندس ساري مخلوقات ۾ اول درجو حاصل ڪريون.

19. اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اھا ڳالھہ ياد رکو تہ ھر ھڪ ماڻھو ٻڌڻ ۾ تکو، ڳالھائڻ ۾ ڍرو ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ٿڌو ٿئي.

20. ڇالاءِ⁠جو ماڻھوءَ جي ڪاوڙ مان اھڙا ڪم ٿي نہ ٿا سگھن جيڪي خدا جي سچائيءَ موجب آھن.

21. تنھنڪري سموري گندگيءَ ۽ بڇڙائيءَ جي ڪثرت کي پري اڇلائي، نماڻائيءَ سان انھيءَ ڪلام کي قبول ڪريو، جيڪو اوھان ۾ پوکيل آھي ۽ جيڪو اوھان کي بچائي ٿو سگھي.

22. پاڪ ڪلام جا رڳو ٻڌندڙ نہ ٿيو، ڇوتہ ائين اوھين پنھنجو پاڻ کي ٺڳيو ٿا. اوھين انھيءَ ڪلام تي عمل ڪندڙ ٿيو.

23. ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪلام کي رڳو ٻڌي ٿو پر ان تي عمل نہ ٿو ڪري، تہ اھو انھيءَ ماڻھوءَ وانگر آھي جيڪو پنھنجي ظاھري شڪل آئيني ۾ ٿو ڏسي.

24. ھو پاڻ کي ڏسي ھليو وڃي ٿو ۽ جلد ئي وساري ٿو ڇڏي تہ ھو ڪيئن ھو.

25. پر جيڪو ماڻھو آزادي ڏيندڙ ڪامل شريعت کي غور سان ڏسندو ٿو رھي، سو ٻُڌي ڪري وسارڻ وارو ناھي، بلڪ عمل ڪرڻ وارو آھي ۽ اھو ئي پنھنجن ڪمن ۾ برڪت وارو ٿيندو.

26. جيڪڏھن ڪو ماڻھو پاڻ کي ديندار ٿو سمجھي ۽ پنھنجي زبان کي لغام نہ ٿو ڏئي تہ اھو پاڻ کي ٺڳي ٿو ۽ سندس دينداري اجائي آھي.

27. اسان جي پيءُ خدا جي نظر ۾ خالص ۽ بي⁠عيب دينداري اھا آھي تہ يتيمن ۽ رنن⁠زالن جي سندن مصيبت جي وقت سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا جي داغن کان بہ بچائي رکجي.

مڪمل باب پڙهڻ يعقوب 1