1. ھي خط يعقوب جي طرفان آھي، جيڪو خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو ٻانھو آھي.آءٌ انھن خدا جي چونڊيل ماڻھن کي، جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ پکڙيل آھن سلام ٿو چوان.
2. اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏھن اوھين طرح طرح جي آزمائشن ۾ پئو، تڏھن انھيءَ کي وڏي خوشيءَ جي ڳالھہ ڪري سمجھو.
3. ڇالاءِجو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اوھان جي ايمان جي پرک صبر پيدا ڪري ٿي.
4. انھيءَ صبر کي پنھنجو ڪم پورو ڪرڻ ڏيو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين ڪامل ۽ ڀرپور ٿيو ۽ اوھان ۾ ڪنھن بہ ڳالھہ جي ڪمي نہ رھي.
5. جيڪڏھن اوھان مان ڪنھن ۾ دانائيءَ جي ڪمي آھي تہ اھو خدا کان گھري. ھو کيس ڏيندو، ڇالاءِجو خدا سڀني کي بيانداز ٿو ڏئي ۽ طعنا نہ ٿو ھڻي.
6. پر جڏھن ھو گھري تہ مٿس ويساھہ رکي گھري ۽ ڪوبہ شڪ نہ آڻي. ڇالاءِجو جيڪو شڪ ٿو آڻي سو سمنڊ جي انھيءَ ڇوليءَ وانگر آھي، جيڪا ھوا سان ڌڪجي ۽ اڇلجي ٿي.