نئين عهد نامي

يعقوب 1:1-13 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ھي خط يعقوب جي طرفان آھي، جيڪو خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو ٻانھو آھي.آءٌ انھن خدا جي چونڊيل ماڻھن کي، جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ پکڙيل آھن سلام ٿو چوان.

2. اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏھن اوھين طرح طرح جي آزمائشن ۾ پئو، تڏھن انھيءَ کي وڏي خوشيءَ جي ڳالھہ ڪري سمجھو.

3. ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اوھان جي ايمان جي پرک صبر پيدا ڪري ٿي.

4. انھيءَ صبر کي پنھنجو ڪم پورو ڪرڻ ڏيو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين ڪامل ۽ ڀرپور ٿيو ۽ اوھان ۾ ڪنھن بہ ڳالھہ جي ڪمي نہ رھي.

5. جيڪڏھن اوھان مان ڪنھن ۾ دانائيءَ جي ڪمي آھي تہ اھو خدا کان گھري. ھو کيس ڏيندو، ڇالاءِ⁠جو خدا سڀني کي بي⁠انداز ٿو ڏئي ۽ طعنا نہ ٿو ھڻي.

6. پر جڏھن ھو گھري تہ مٿس ويساھہ رکي گھري ۽ ڪوبہ شڪ نہ آڻي. ڇالاءِ⁠جو جيڪو شڪ ٿو آڻي سو سمنڊ جي انھيءَ ڇوليءَ وانگر آھي، جيڪا ھوا سان ڌڪجي ۽ اڇلجي ٿي.

7. اھڙو ماڻھو ائين نہ سمجھي تہ کيس خداوند کان ڪي ڪجھہ ملندو.

8. ڇالاءِ⁠جو اھو ٻہ⁠دليو ماڻھو آھي، جيڪو پنھنجي ڪنھن بہ ڳالھہ تي قائم نہ ٿو رھي.

9. مسڪين ايمان واري کي پنھنجي اعليٰ مرتبي تي فخر ڪرڻ گھرجي.

10. پر دولتمند کي ھيٺاھين درجي تي فخر ڪرڻ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو ھو گاھہ جي گل وانگر ڪومائجي ويندو.

11. ھن ڪري جو سج اڀرڻ سان جھولو شروع ٿئي ٿو ۽ اھو گاھہ کي سڪائي ٿو ڇڏي. گاھہ جو گل ڇڻيو پوي ۽ سندس خوبصورتي ختم ٿيو وڃي. ساڳيءَ طرح دولتمند ماڻھو بہ پنھنجو ڌنڌو ڪندي ڪندي زوال ھيٺ اچي ويندو.

12. سڀاڳو آھي اھو ماڻھو، جيڪو آزمائش ۾ ثابت قدم ٿو رھي. ڇالاءِ⁠جو جڏھن ھو انھيءَ امتحان ۾ پاس ٿيو تہ کيس فتح جو تاج، يعني اھا زندگي حاصل ٿيندي جنھن جو خدا پنھنجي محبت ڪرڻ وارن سان واعدو ڪيو آھي.

13. جيڪڏھن ڪو ماڻھو آزمائش ۾ پوي تڏھن کيس ائين چوڻ نہ گھرجي تہ ”آءٌ خدا جي طرفان آزمايو ٿو وڃان.“ ڇالاءِ⁠جو خدا بڇڙائيءَ سان نہ پاڻ آزمائجي ٿو سگھي ۽ نہ ڪنھن ماڻھوءَ کي ٿو آزمائي.

مڪمل باب پڙهڻ يعقوب 1