نئين عهد نامي

مڪاشفو 7:11-17 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

11. سڀيئي ملائڪ ان تخت، انھن بزرگن ۽ چئني ساھوارن جي چوڌاري بيھي رھيا ۽ تخت جي اڳيان منھن ڀر ڪري خدا کي سجدو ڪري

12. چوڻ لڳا تہ”آمين، اسان جي خدا جي تعريف،جلال، حڪمت، شڪرگذاري،عزت، قدرت ۽ طاقت،ھميشہ ھميشہ تائين ھجي. آمين.“

13. انھن بزرگن مان ھڪڙي مون کان پڇيو تہ ”جيڪي پاڪ صاف پھراڻ پايو بيٺا آھن، اُھي ڪير آھن ۽ ڪٿان آيا آھن؟“

14. مون جواب ڏنو تہ ”اي منھنجا سائين! توھان ئي ڄاڻو ٿا.“ ھن مون کي چيو تہ ”ھي اُھي آھن جيڪي وڏيءَ مصيبت مان نڪري آيا آھن. انھن پنھنجا پھراڻ ڌوتا ۽ گھيٽي جي رت ۾ پاڪ صاف ڪيا آھن.

15. انھيءَ ڪري ھي خدا جي تخت جي اڳيان آھن ۽ رات ڏينھن سندس ھيڪل ۾ عبادت پيا ڪن ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آھي، سو ھنن جي مٿان تنبوءَ وانگر ڇانوَ ڪندو.

16. انھن کي وري ڪڏھن بہ بک يا اڃ نہ لڳندي ۽ نہ وري کين اُس يا گرمي ستائيندي.

17. ڇالاءِ⁠جو گھيٽو جيڪو تخت جي وچ ۾ آھي، سو ھنن جو ڌنار ٿيندو ۽ کين آبِ⁠حيات جي چشمن وٽ وٺي ويندو ۽ خدا سندن اکين مان ڳوڙھا اُگھي ڇڏيندو.“

مڪمل باب پڙهڻ مڪاشفو 7