نئين عهد نامي

مڪاشفو 5:6-14 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

6. مون انھيءَ تخت ۽ چئن ساھوارن ۽ انھن بزرگن جي وچ ۾ ھڪڙو گھيٽو بيٺل ڏٺو، جنھن کي ڄڻ تہ ڪُٺو ويو ھو. انھيءَ کي ست سڱ ۽ ست اکيون ھيون. اُھي خدا جا ست روح آھن جيڪي ساري جھان ۾ موڪليا ويا آھن.

7. گھيٽو آيو ۽ جيڪو تخت تي ويٺو ھو، تنھن جي ساڄي ھٿ مان ڪتاب ورتائين.

8. جڏھن ھن ڪتاب ورتو تہ اُھي چارئي ساھوارا ۽ چوويھہ بزرگ انھيءَ گھيٽي جي پيرن تي ڪري پيا. انھن مان ھر ھڪ وٽ ھڪڙو تنبورو ھو ۽ لوبان سان ڀريل سونا پيالا ھئا. اُھي خدا جي قوم جون دعائون آھن.

9. پوءِ اُھي ھڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ”تون ئي اھو ڪتاب وٺڻ۽ ان جي مُھرن ٽوڙڻ جي لائق آھين.ڇالاءِ⁠جو تون ڪُٺو ويو ھئين،۽ سڀ ڪنھن قبيلي، ٻوليءَ، امت ۽ قوم منجھان،ماڻھن کي تو پنھنجي رت سانخدا جي لاءِ خريد ڪيو آھي.

10. تو انھن کي ھڪ اھڙي بادشاھت بڻايو،جنھن جو ھر فرد ڪاھن آھي،تہ جيئن ھو اسان جي خدا جي خدمت ڪري،اُھي زمين تي بادشاھي ڪندا.“

11. ڏسندي ڏسندي مون تخت، ساھوارن ۽ بزرگن جي چوڌاري تمام گھڻن ملائڪن جا آواز ٻڌا، انھن جو تعداد لکن ۽ ڪروڙن ۾ ھو.

12. اُھي وڏي آواز سان ڳائي رھيا ھئا تہ”گھيٽو جو ڪٺو ويو آھي،سو ئي قدرت، دولت، حڪمت،طاقت، عزت، جلال۽ تعريف جي لائق آھي.“

13. پوءِ مون آسمان، زمين، زمين جي ھيٺان ۽ سمنڊ جي سڀني خلقيل شين کي ھي چوندي ٻڌو تہ”جيڪو تخت تي ويٺو آھي،تنھن جي ۽ گھيٽي جي تعريف،عزت، جلال ۽ حڪومت،شل ھميشہ تائين قائم رھي.“

14. انھن چئني ساھوارن چيو ”آمين.“ پوءِ اُھي بزرگ منھن ڀر ڪري سجدو ڪرڻ لڳا.

مڪمل باب پڙهڻ مڪاشفو 5