نئين عهد نامي

مڪاشفو 22:9-21 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

9. پر ھن چيو تہ ”ڏس، متان ائين ڪرين. آءٌ تو سان، ٻين نبين سان ۽ ھن ڪتاب جي ڳالھين تي عمل ڪرڻ وارن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آھيان. رڳو خدا کي سجدو ڪر.“

10. پوءِ ھن مون کي چيو تہ ”ھن ڪتاب جي پيشنگوئين جي ڳالھين کي راز ۾ نہ رک، ڇالاءِ⁠جو وقت ويجھو آھي.

11. جيڪو برائي ڪري ٿو سو ڀلي برائي پيو ڪري، جيڪو ناپاڪ آھي سو ڀلي ناپاڪ پيو رھي، جيڪو نيڪ آھي سو ڀلي نيڪي پيو ڪري ۽ جيڪو پاڪ آھي سو ڀلي پاڪ ٿيندو رھي.“

12. جيئن عيسيٰ چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آھيان ۽ منھنجو اجر مون سان ساڻ آھي، تہ جيئن ھر ڪنھن کي سندس ڪم مطابق بدلو ڏيان.

13. اول ۽ آخر، پھريون ۽ پويون ۽ ازلي ۽ ابدي آءٌ آھيان.“

14. سڀاڳا آھن اُھي جيڪي پنھنجا پھراڻ ڌوئي صاف ٿا ڪن. اُھي زندگيءَ جي وڻ جي ميوي جا حقدار ھوندا ۽ انھيءَ شھر جي دروازن مان داخل ٿيندا.

15. پر ڪتا، جادوگر، زناڪار، قاتل، بت⁠پرست، ڪوڙ کي پسند ڪندڙ ۽ ڪوڙ ڳالھائيندڙ شھر کان ٻاھر ھوندا.

16. عيسيٰ چيو تہ ”مون عيسيٰ، پنھنجو ملائڪ انھيءَ لاءِ موڪليو آھي تہ ڪليسيائن کي انھن ڳالھين جي شاھدي ڏئي. آءٌ دائود جي نسل ۽ خاندان مان آھيان ۽ صبح جو چمڪندڙ تارو آھيان.“

17. پاڪ روح ۽ ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ ”اچ“ ۽ ھر ٻڌڻ وارو بہ ڀلي چوي تہ ”اچ.“ جيڪو اڃايل آھي سو ڀلي اچي ۽ جنھن جي مرضي ھجي سو آبِ⁠حيات مفت پيئي.

18. آءٌ يوحنا، ھر ڪنھن کي جيڪو ھن ڪتاب جون پيشنگوئيون ٻڌي ٿو، آگاھہ ٿو ڪريان تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو ھنن ۾ ڪو واڌارو ڪندو تہ خدا ھن ڪتاب ۾ لکيل آفتون مٿس آڻيندو.

19. جيڪڏھن ڪو ھن ڪتاب جي پيشنگوئين مان ڪي ڳالھيون گھٽائيندو تہ خدا زندگيءَ جي وڻ ۽ پاڪ شھر مان، جن جو ذڪر ھن ڪتاب ۾ ڪيل آھي، انھيءَ شخص جو حصو ڪڍي ڇڏيندو.

20. جيڪو ھنن ڳالھين جي شاھدي ٿو ڏئي، سو چوي ٿو تہ ”بيشڪ آءٌ جلد اچڻ وارو آھيان.“ آمين. اي خداوند عيسيٰ! اچ.

21. شل خداوند عيسيٰ جو فضل سڀني تي ٿيندو رھي. آمين.

مڪمل باب پڙهڻ مڪاشفو 22