نئين عهد نامي

مڪاشفو 19:17-21 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

17. ان کان پوءِ مون ھڪڙو ملائڪ سج تي بيٺل ڏٺو، جنھن وڏي آواز سان آسمان ۾ سڀني اڏامندڙ پکين کي سڏ ڪري چيو تہ ”اچو ۽ خدا جي وڏي دعوت ۾ شامل ٿيو،

18. تہ جيئن اوھين بادشاھن، سپھہ⁠سالارن، سپاھين، گھوڙن ۽ انھن جي سوارن ۽ سڀني ماڻھن، آزادن توڙي غلامن، ننڍن توڙي وڏن جو گوشت کائو.“

19. پوءِ مون انھيءَ حيوان، دنيا جي بادشاھن ۽ سندن لشڪرن کي ڏٺو، جيڪي انھيءَ گھوڙي سوار ۽ سندس لشڪر سان جنگ ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا ھئا.

20. انھيءَ پھرين حيوان ۽ ساڻس گڏ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ انھيءَ ٻئي حيوان کي بہ پڪڙيو ويو، جنھن حيوان جي سامھون معجزا ڏيکاريا ھئا. انھن معجزن سان ھن حيوان جو نشان ھڻائڻ وارن ۽ سندس بت جي پوڄا ڪرڻ وارن کي گمراھہ ڪيو ھو. اُھي ٻئي گندرف سان ٻرندڙ باھہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا اڇلايا ويا.

21. باقي ٻيا انھيءَ گھوڙي سوار جي تلوار، جيڪا سندس وات مان ٿي نڪتي تنھن سان ماريا ويا ۽ سڀني پکين انھن جو گوشت کائي ڍءُ ڪيو.

مڪمل باب پڙهڻ مڪاشفو 19