نئين عهد نامي

مڪاشفو 19:1-8 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. انھن ڳالھين کان پوءِ مون آسمان ۾ ھڪ وڏي ميڙ جھڙو وڏو آواز ٻڌو، جنھن چيو تہ”خداوند خدا جي تعريف.ڇوٽڪارو، جلال ۽ قدرتاسان جي خدا جي آھي.

2. ڇالاءِ⁠جو ھن جا فيصلا سچا ۽ صحيح آھن.ھُن انھيءَ مشھور ڪسبياڻيءَ جو انصاف ڪيو،جنھن پنھنجي زناڪاريءَ ساندنيا کي خراب ڪري ڇڏيو ھو.خدا ھن کان پنھنجي ٻانَھن جيخون جو بدلو ورتو.“

3. ھنن وري ٻيو دفعو پڪاري چيو تہ”خداوند خدا جي تعريف.انھيءَ وڏي شھر جو دونھونھميشہ ھميشہ تائين پيو اٿندو رھندو.“

4. پوءِ انھن چوويھن بزرگن ۽ چئني ساھوارن منھن ڀر ڪري خدا کي سجدو ڪيو، جيڪو تخت تي ويٺو ھو ۽ چوڻ لڳا تہ”آمين، خداوند خدا جي تعريف.“

5. پوءِ تخت مان ھڪڙو آواز آيو تہ”اي خدا جا ٻانھؤ!ننڍا توڙي وڏا، جيڪي کانئس ڊڄو ٿا،سي سڀ خدا جي تعريف ڪريو.“

6. پوءِ مون ھڪڙي وڏي ميڙ جھڙو آواز ٻڌو، جيڪو زور سان وھندڙ پاڻيءَ جي آواز ۽ گجگوڙن جي آواز جھڙو ھو، جنھن چيو تہ”خداوند خدا جي تعريف،ڇالاءِ⁠جو خداوند اسان جو خداجيڪو قادرِمطلق آھي،سو بادشاھي ٿو ڪري.

7. اچو تہ اسين خوش ٿيون،۽ خوشيون ملھايون ۽ سندس واکاڻ ڪريون،ڇالاءِ⁠جو گھيٽي جي شاديءَ جو ڏينھن اچي پھتو آھي۽ سندس ڪنوار بہ پاڻ کي تيار ڪيو آھي.

8. انھيءَ کي صاف، چمڪندڙ ۽ عمدا ڪپڙاپائڻ لاءِ ڏنا ويا آھن.ڇاڪاڻ⁠تہ عمدن ڪپڙن مان مرادخدا جي قوم جي سچائيءَ جا ڪم آھن.“

مڪمل باب پڙهڻ مڪاشفو 19