نئين عهد نامي

مڪاشفو 16:14-18 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

14. اُھي ڀوتن جا روح آھن، جيڪي معجزا ڏيکارن ٿا ۽ سڄيءَ دنيا جي بادشاھن وٽ وڃن ٿا، تہ جيئن قادرِمطلق خدا جي وڏي ڏينھن تي جنگ لاءِ کين گڏ ڪن.

15. ڏسو، آءٌ ائين پيو اچان، جيئن چور ايندو آھي. سڀاڳو آھي اھو جيڪو سجاڳ ٿو رھي ۽ پنھنجي پوشاڪ جي سنڀال ٿو ڪري، تہ جيئن اگھاڙو نہ ٿئي ۽ ماڻھو سندس اوگھڙ نہ ڏسن.

16. پوءِ انھن روحن بادشاھن کي انھيءَ ھنڌ آڻي گڏ ڪيو، جنھن کي عبراني ٻوليءَ ۾ ھرمگدون ٿا چون.

17. جڏھن ستين ملائڪ پنھنجو پيالو ھوا ۾ ھاريو تہ ھيڪل مان تخت واري پاسي کان ھڪڙو وڏو آواز آيو، جنھن چيو تہ ”پورو ٿيو.“

18. انھيءَ تي کنوڻيون، آواز ۽ گجگوڙون ٿيون ۽ وڏو زلزلو آيو. جڏھن کان ماڻھو زمين تي پيدا ٿيا آھن تہ اھڙو وڏو زلزلو ڪڏھن ڪونہ آيو ھو.

مڪمل باب پڙهڻ مڪاشفو 16