نئين عهد نامي

مڪاشفو 16:10-17 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

10. ان کان پوءِ پنجين ملائڪ پنھنجو پيالو انھيءَ حيوان جي تخت جي مٿان ھاريو تہ انھيءَ جي بادشاھيءَ ۾ اوندھہ ٿي ويئي ۽ ماڻھو سور سببان پنھنجون زبانون چٻاڙڻ لڳا.

11. اھي پنھنجي سورن ۽ ڦٽن جي ڪري عرش عظيم جي خدا جي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، پر پنھنجي ڪمن کان توبھہ نہ ڪيائون.

12. جڏھن ڇھين ملائڪ پنھنجو پيالو وڏي درياءَ فرات جي مٿان ھاريو تہ ان جو پاڻي سڪي ويو، تہ جيئن اڀرندي کان اچڻ وارن بادشاھن لاءِ رستو تيار ٿي وڃي.

13. پوءِ مون انھيءَ ازدھا جي وات مان، انھيءَ پھرين حيوان جي وات مان ۽ انھيءَ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ ٻئي حيوان جي وات مان ٽي ناپاڪ روح ڏيڏرن جي شڪل ۾ نڪرندي ڏٺا.

14. اُھي ڀوتن جا روح آھن، جيڪي معجزا ڏيکارن ٿا ۽ سڄيءَ دنيا جي بادشاھن وٽ وڃن ٿا، تہ جيئن قادرِمطلق خدا جي وڏي ڏينھن تي جنگ لاءِ کين گڏ ڪن.

15. ڏسو، آءٌ ائين پيو اچان، جيئن چور ايندو آھي. سڀاڳو آھي اھو جيڪو سجاڳ ٿو رھي ۽ پنھنجي پوشاڪ جي سنڀال ٿو ڪري، تہ جيئن اگھاڙو نہ ٿئي ۽ ماڻھو سندس اوگھڙ نہ ڏسن.

16. پوءِ انھن روحن بادشاھن کي انھيءَ ھنڌ آڻي گڏ ڪيو، جنھن کي عبراني ٻوليءَ ۾ ھرمگدون ٿا چون.

17. جڏھن ستين ملائڪ پنھنجو پيالو ھوا ۾ ھاريو تہ ھيڪل مان تخت واري پاسي کان ھڪڙو وڏو آواز آيو، جنھن چيو تہ ”پورو ٿيو.“

مڪمل باب پڙهڻ مڪاشفو 16