نئين عهد نامي

مڪاشفو 16:1-11 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. پوءِ مون ھيڪل مان ھڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جيڪو انھن ستن ملائڪن کي چئي رھيو ھو تہ ”وڃو ۽ خدا جي غضب جا ست ئي پيالا زمين تي ھاريو.“

2. پھرين ملائڪ وڃي پنھنجو پيالو زمين جي مٿان ھاريو تہ جن ماڻھن تي انھيءَ حيوان جو نشان ھو ۽ جيڪي سندس بت جي پوڄا ڪندا ھئا، تن کي گندا ۽ ناسوري ڦٽ ٿي پيا.

3. پوءِ ٻئي ملائڪ پنھنجو پيالو سمنڊ جي مٿان ھاريو تہ انھيءَ جو پاڻي مئل ماڻھوءَ جي رت جھڙو ٿي پيو ۽ سمنڊ جا سڀيئي ساھوارا مري ويا.

4. جڏھن ٽئين ملائڪ پنھنجو پيالو دريائن ۽ پاڻيءَ جي چشمن جي مٿان ھاريو تہ انھن جو پاڻي رت ٿي پيو.

5. مون پاڻيءَ واري ملائڪ کي ھي چوندي ٻڌو تہ”اي قدوس! تون جو آھين ۽ جو ھئين،تون عادل آھين ۽ تو ئي اھڙو انصاف ڪيو.

6. ڇاڪاڻ⁠تہ ھنن خدا جي قوم وارن۽ نبين جو رت وھايو،۽ تو کين رت پيئڻ لاءِ ڏنو.اُھي انھيءَ جي ئي لائق آھن.“

7. ايتري ۾ مون قربان⁠گاھہ مان ھي آواز ٻڌو تہ”ھائو، اي خداوند خدا قادرِمطلق!بيشڪ تنھنجا فيصلا سچا ۽ انصاف وارا آھن.“

8. چوٿين ملائڪ پنھنجو پيالو سج جي مٿان ھاريو تہ سج کي اختيار ڏنو ويو تہ ماڻھن کي باھہ سان ساڙي ڇڏي.

9. اھي سخت تپش جي ڪري ڏاڍا سڙي پيا ۽ خدا جي نالي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، جيڪو انھن آفتن تي اختيار رکي ٿو. پوءِ بہ انھن توبھہ نہ ڪئي ۽ نہ ئي سندس واکاڻ ڪيائون.

10. ان کان پوءِ پنجين ملائڪ پنھنجو پيالو انھيءَ حيوان جي تخت جي مٿان ھاريو تہ انھيءَ جي بادشاھيءَ ۾ اوندھہ ٿي ويئي ۽ ماڻھو سور سببان پنھنجون زبانون چٻاڙڻ لڳا.

11. اھي پنھنجي سورن ۽ ڦٽن جي ڪري عرش عظيم جي خدا جي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، پر پنھنجي ڪمن کان توبھہ نہ ڪيائون.

مڪمل باب پڙهڻ مڪاشفو 16