نئين عهد نامي

مڪاشفو 14:17-20 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

17. ان کان پوءِ ھڪڙو ٻيو ملائڪ آسماني ھيڪل مان نڪتو، جنھن جي ھٿ ۾ بہ تکو ڏاٽو ھو.

18. پوءِ ھڪڙو ٻيو بہ ملائڪ قربان⁠گاھہ مان نڪتو، جنھن کي باھہ تي اختيار ھو. ھن تکي ڏاٽي واري ملائڪ کي وڏي آواز سان چيو تہ ”پنھنجو تکو ڏاٽو ھلاءِ ۽ زمين جي ڊاک جا ڇڳا گڏ ڪر، ڇالاءِ⁠جو ڊاک بلڪل پچي راس ٿي ويئي آھي.“

19. انھيءَ ملائڪ زمين تي پنھنجو ڏاٽو ھلايو ۽ زمين جي ڊاک جا ڇڳا گڏ ڪري رس ڪڍڻ واري انھيءَ وڏي حوض ۾ وڌا، جنھن جو نالو آھي خدا جو غضب.

20. شھر کان ٻاھر انھيءَ حوض ۾ ڊاک پيڙي ويئي ۽ انھيءَ مان ايترو تہ رت نڪتو جو گھوڙن جي لغامن تائين اچي پھتو ۽ ٽي ⁠سؤ ڪلوميٽرن تائين وھي ھليو.

مڪمل باب پڙهڻ مڪاشفو 14