نئين عهد نامي

مڪاشفو 14:1-11 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. پوءِ مون ڏٺو تہ گھيٽو صيئون جبل تي بيٺو آھي ۽ ساڻس گڏ ھڪ لک چوئيتاليھہ ھزار ماڻھو آھن، جن جي پيشانين تي ھن جو ۽ سندس پيءُ جو نالو لکيل آھي.

2. مون آسمان مان ھڪڙو آواز ٻڌو، جيڪو زور سان وھندڙ پاڻيءَ ۽ گجگوڙ جي آواز جھڙو ھو. اھو آواز تنبورن وارن جو ھو، جن ڄڻ تہ تنبورا پئي وڄايا.

3. اُھي چئني ساھوارن، بزرگن ۽ تخت جي اڳيان ھڪ نئون گيت ڳائي رھيا ھئا ۽ رڳو اُھي ھڪ لک چوئيتاليھہ ھزار ماڻھو ئي اھو گيت سکي سگھيا، جيڪي دنيا مان خريد ڪيا ويا ھئا.

4. ھي اُھي ماڻھو آھن جن عورتن کي ھٿ بہ نہ لاتو، بلڪ ڪنوارا آھن ۽ گھيٽي جي پٺيان ھلن پيا. جيڏانھن ھو وڃي ٿو، اوڏانھن وڃن ٿا. اُھي انسانن مان خريد ڪيا ويا آھن، تہ جيئن خدا ۽ گھيٽي جو پھريون ڦل ٿين.

5. انھن جي وات مان ڪڏھن بہ ڪوڙ نہ نڪتو. اھي بي⁠عيب آھن.

6. تنھن کان پوءِ مون ھڪڙو ملائڪ آسمان ۾ اڏامندي ڏٺو، جنھن وٽ زمين جي رھاڪن يعني سڀني قومن، قبيلن، ٻولين ۽ اُمتن کي ٻڌائڻ لاءِ ھميشہ جي خوشخبري ھئي.

7. ھُن وڏي آواز سان چيو تہ ”خدا کان ڊڄو ۽ سندس تعريف ڪريو، ڇالاءِ⁠جو عدالت جو وقت اچي پھتو آھي. انھيءَ جي عبادت ڪريو، جنھن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ پاڻيءَ جا چشما پيدا ڪيا آھن.“

8. ھن جي پٺيان ھڪڙو ٻيو ملائڪ آيو ۽ چيائين تہ ”ڪري پيو، اھو وڏو شھر بابل ڪري پيو، جنھن سڀني قومن کي پنھنجي زناڪاريءَ جي مئي پيئاري، جنھن جي ڪري خدا جو عذاب ايندو.“

9. انھن جي پٺيان ھڪڙو ٽيون ملائڪ آيو ۽ وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”جيڪڏھن ڪو ماڻھو انھيءَ حيوان يا سندس بت جي پوڄا ڪندو ۽ پنھنجي پيشانيءَ يا ھٿ تي سندس نشان ھڻائيندو،

10. تہ انھيءَ کي خدا جي غضب جي مئي مان پيئڻو پوندو، يعني اھا خالص مئي جيڪا سندس غضب جي پيالي ۾ وڌي وئي آھي. انھيءَ شخص کي پاڪ ملائڪن ۽ گھيٽي جي اڳيان باھہ ۽ گندرف جو عذاب ڏنو ويندو.

11. انھن جي عذاب جو دونھون سدائين پيو نڪرندو رھندو ۽ جيڪي ماڻھو انھيءَ حيوان ۽ سندس بت جي پوڄا ڪن ٿا ۽ سندس نالي جو نشان ھڻائين ٿا، تن کي رات ڏينھن آرام ڪونہ ملندو.

مڪمل باب پڙهڻ مڪاشفو 14