نئين عهد نامي

مڪاشفو 13:4-13 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

4. ماڻھن ازدھا جي پوڄا ڪئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن انھيءَ حيوان کي اختيار ڏنو ھو. ھنن حيوان جي بہ پوڄا ڪئي ۽ چيائون تہ ”ھن حيوان جھڙو ڪير آھي ۽ ڪير ھن سان وڙھي ٿو سگھي؟“

5. انھيءَ حيوان کي ھڪڙو وات ڏنو ويو، جنھن سان ھن وڏيون ڳالھيون پئي ڪيون ۽ ڪفر بڪي رھيو ھو. ھن کي اھو اختيار ڏنو ويو تہ ٻائيتاليھن مھينن تائين پنھنجو ڪم جاري رکي.

6. ھن پنھنجو وات کوليو ۽ خدا ۽ سندس نالي ۽ سندس عرش عظيم جي خلاف ۽ اتي رھڻ وارن جي خلاف ڪفر بڪڻ لڳو.

7. انھيءَ کي اھو اختيار ڏنو ويو تہ ھو خدا جي قوم سان جنگ ڪري کيس شڪست ڏئي. ھن کي سڀني قبيلن، اُمتن، ٻولين ۽ قومن تي بہ اختيار ڏنو ويو.

8. زمين جا سڀيئي رھاڪو سندس پوڄا ڪندا، سواءِ انھن جي جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آھن، جيڪو ڪُٺل گھيٽي جو آھي.

9. جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي.

10. جيڪڏھن ڪو قيد ٿيڻو آھي تہ اھو قيد ۾ ويندو ۽ جيڪڏھن ڪو تلوار سان قتل ٿيڻو آھي تہ اھو تلوار سان قتل ڪيو ويندو. اھو آھي خدا جي قوم جو صبر ۽ ايمان.

11. پوءِ مون ھڪڙي ٻئي حيوان کي زمين مان نڪرندي ڏٺو، جنھن کي گھيٽي وانگر ٻہ سڱ ھئا، پر ھن ازدھا وانگر ٿي ڳالھايو.

12. انھيءَ حيوان پھرين حيوان جي روبرو ان جو سڄو اختيار ٿي ھلايو. ھن زمين ۽ ان جي رھاڪن کان انھيءَ پھرين حيوان جي پوڄا ٿي ڪرائي، جنھن جو موتمار زخم ڇٽي ويو ھو.

13. ھُن وڏا معجزا ٿي ڏيکاريا، ايتري تائين جو ماڻھن جي سامھون آسمان مان زمين تي باھہ ٿي وسايائين.

مڪمل باب پڙهڻ مڪاشفو 13