16. پوءِ اُھي چوويھہ بزرگ جيڪي خدا جي آڏو پنھنجي پنھنجي تخت تي ويٺا ھئا، سي منھن ڀر ڪري خدا کي سجدو ڪري
17. چوڻ لڳا تہ”اي خداوند، قادرِمطلق خدا!تون آھين ۽ تون ھئين.اسين تنھنجا شڪرانا بجاءِ آڻيون ٿا،ڇالاءِجو تون پنھنجي وڏي قدرت ڏيکاريبادشاھي ڪرڻ لڳو آھين.
18. قومن کي ڪاوڙ لڳي ۽ تنھنجو غضب نازل ٿيو.اھو وقت اچي ويو آھي،جڏھن مري ويلن جو انصاف ٿيندو.تنھنجي ٻانھن، يعني نبين ۽ چونڊيلن،۽ ننڍن توڙي وڏن،جيڪي تنھنجي نالي کان ڊڄن ٿا،تن کي سندن اجر ڏنو ويندو،۽ جيڪي دنيا کي برباد ڪن ٿا،تن کي برباد ڪيو ويندو.“
19. خدا جو ھيڪل جيڪو آسمان ۾ آھي، سو کوليو ويو ۽ ھيڪل ۾ عھد جي صندوق نظر آئي ۽ پوءِ کنوڻيون، آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون، زلزلو آيو ۽ وڏا ڳڙا پيا.