11. ساڍن ٽن ڏينھن کان پوءِ خدا انھن ۾ وري حياتيءَ جو روح ڦوڪيو ۽ اُھي اٿي کڙا ٿيا ۽ کين ڏسڻ وارن کي ڏاڍو خوف ٿيو.
12. انھن نبين آسمان مان ھڪڙو وڏو آواز ٻڌو جنھن کين چيو تہ ”ھيڏانھن اچو.“ ھو ڪڪر تي سوار ٿي آسمان ڏانھن ويا ۽ دشمن کين ڏسندا رھيا.
13. انھيءَ مھل ھڪڙو وڏو زلزلو آيو ۽ شھر جو ڏھون حصو ڪري پيو. انھيءَ زلزلي ۾ ست ھزار ماڻھو مري ويا ۽ باقي ٻيا ڊڄي ڪري عرش عظيم جي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا.
14. ٻي مصيبت لنگھي ويئي ۽ ٽئين مصيبت جلد اچڻ واري آھي.
15. جڏھن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان تي وڏا آواز ٿيڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ ”اسان جي خداوند ۽ سندس مسيح جي دنيا تي بادشاھت قائم ٿي ويئي آھي ۽ ھو ھميشہ ھميشہ تائين بادشاھي ڪندو رھندو.“
16. پوءِ اُھي چوويھہ بزرگ جيڪي خدا جي آڏو پنھنجي پنھنجي تخت تي ويٺا ھئا، سي منھن ڀر ڪري خدا کي سجدو ڪري