نئين عهد نامي

مڪاشفو 11:1-6 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. مون کي ماپ ڪرڻ لاءِ ھڪڙو ڪانو ڏنو ويو ۽ چيو ويو تہ ”اُٿ ۽ وڃي خدا جي ھيڪل ۽ قربان⁠گاھہ جي ماپ ڪر ۽ جيڪي اُن ۾ عبادت ڪن ٿا تن کي ڳڻ.

2. پر ھيڪل جي اڱڻ کي ڇڏي ڏي ۽ ان جي ماپ نہ ڪر، ڇاڪاڻ⁠تہ اھو غير قومن کي ڏنو ويو آھي ۽ اھي پاڪ شھر کي ٻائيتاليھن مھينن تائين لتاڙيندا.

3. آءٌ پنھنجي ٻن شاھدن کي اختيار ڏيندس ۽ اھي کٿو ڍڪي ھڪ ھزار ٻہ ⁠سؤ سٺ ڏينھن تائين پيشنگوئي ڪندا.“

4. اُھي ٻہ شاھد ٻہ زيتون جا وڻ ۽ ٻہ شمعدان آھن، جيڪي ڌرتيءَ جي مالڪ جي حضور ۾ بيٺا آھن.

5. جيڪڏھن ڪو انھن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ انھن جي وات مان باھہ ٿي نڪري، جيڪا سندن دشمنن کي ساڙي ٿي ڇڏي. سو جيڪڏھن ڪو ماڻھو انھن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو تہ اھو بہ اھڙيءَ طرح مارجي ويندو.

6. انھن شاھدن کي اختيار آھي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين ۽ جيستائين ھو پيشنگوئي ڪندا رھن، تيستائين مينھن نہ وسي. انھن کي پاڻيءَ تي اختيار آھي تہ ان کي بدلائي رت بڻائي ڇڏين ۽ جيترا دفعا چاھين زمين تي ھر طرح جون آفتون آڻين.

مڪمل باب پڙهڻ مڪاشفو 11