نئين عهد نامي

مرقس 9:20-35 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

20. انھن ڇوڪري کي وٽس آندو. جڏھن ڀوت عيسيٰ کي ڏٺو، تڏھن ھن ڇوڪري کي ڏاڍو جھنجھوڙيو ۽ ڇوڪرو پٽ تي ڪري ليٿڙڻ لڳو ۽ وات مان گڦ پئي وھيس.

21. عيسيٰ پڻس کان پڇيو تہ ”ڪيترن ڏينھن کان ھن جو ھي حال آھي؟“ ھُن جواب ڏنو تہ ”ننڍي ھوندي کان ئي وٺي.

22. ڀوت ڇوڪري کي مارڻ جي ڪوشش بہ پئي ڪئي آھي، ڇوتہ ڪيترا ئي دفعا کيس باھہ ۽ پاڻيءَ ۾ اڇلايو اٿس. ھاڻي اسان تي ڪو رحم ڪريو ۽ اسان جي مدد ڪريو جيڪڏھن اوھين ڪري سگھو ٿا.“

23. عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”اوھان جي لفظن ’جيڪڏھن ڪجھہ ڪري سگھو ٿا‘ جو مطلب ڇا آھي؟ جيڪوبہ ايمان آڻي ٿو تنھن لاءِ سڀ ڪجھہ ٿي سگھي ٿو.“

24. تنھن تي ڇوڪري جي پيءُ ھڪدم واڪو ڪري چيو تہ ”آءٌ ايمان آڻيان ٿو، پر جيڪڏھن منھنجو ايمان ڪامل نہ آھي تہ مدد ڪريو.“

25. عيسيٰ ڏٺو تہ ميڙ ڀيڙ ڪندو ٿو اچي، سو ڀوت کي حڪم ڏنائين تہ ”اي ٻوڙا ۽ گونگا ڀوت! آءٌ تو کي حڪم ٿو ڏيان تہ ڇوڪري مان ھڪدم نڪري وڃ ۽ وري ڪڏھن بہ موٽي نہ اچجانءِ.“

26. تنھن تي ڀوت رڙيون ڪري ڇوڪري کي ڏاڍو جھنجھوڙيو ۽ منجھانئس نڪري ويو. تڏھن ڇوڪرو مُڙدي جھڙو ٿي پيو ۽ گھڻن تہ ائين پئي سمجھيو تہ ھو مري ويو.

27. پر عيسيٰ کيس ھٿ کان وٺي اُٿاريو تہ ھو اُٿي بيٺو.

28. جڏھن عيسيٰ گھر پھتو تہ سندس شاگردن اڪيلائيءَ ۾ پڇيس تہ ”اسين ھن ڀوت کي ڇو ڪين ڪڍي سگھياسين؟“

29. عيسيٰ وراڻيو تہ ”اھڙي قسم جي ڀوت کي دعا کان سواءِ ٻي ڪنھن بہ نموني ڪڍي نہ سگھبو آھي.“

30. ھو اتان اٿي ھليا ۽ سڄي گليل منجھان گذري ويا. عيسيٰ جي مرضي نہ ھئي تہ سندس اچڻ جي ڪنھن کي بہ خبر پوي،

31. ڇالاءِ⁠جو ھن پنھنجي شاگردن کي تعليم ڏني پئي تہ ”ابن⁠آدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس ماريندا ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“

32. پر اھي مسيح جي انھيءَ ڳالھہ جو مطلب سمجھي نہ سگھيا ۽ کانئس پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.

33. اھي ڪفرناحوم ۾ آيا. پوءِ جڏھن عيسيٰ پنھنجي شاگردن سان گڏ ھڪڙي گھر ۾ ويٺو ھو تڏھن کانئن پڇيائين تہ ”رستي تي اوھان ڪھڙي ڳالھہ تي بحث پئي ڪيو؟“

34. پر ھنن ڪڇيو ئي ڪين، ڇالاءِ⁠جو رستي تي ھنن پاڻ ۾ ھن ڳالھہ تي بحث پئي ڪيو تہ سڀ کان وڏو ڪير آھي.

35. تڏھن عيسيٰ ويھي رھيو ۽ ٻارھن ئي شاگردن کي سڏي چيائين تہ ”جيڪڏھن ڪو اڳيان ٿيڻ گھُري، تہ ھو سڀني کان پويان ٿئي ۽ سڀني جو خدمتگار ٿئي.“

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 9