نئين عهد نامي

مرقس 9:17-24 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

17. تنھن تي ميڙ مان ھڪڙي ماڻھوءَ وراڻيو تہ ”اي استاد! مون پنھنجو پٽ اوھان وٽ آندو ھو، ڇالاءِ⁠جو منجھس ھڪ ڀوت آھي ۽ ڳالھائي بہ نہ ٿو سگھي.

18. جڏھن بہ ڀوت وٺيس ٿو تہ کيس پٽ تي ڪيرائي ٿو ۽ وات مان گڦ ڪڍيس ٿو، ان وقت ڏند ڪرٽي ٿو ۽ بدن بہ سيٽجي سيخ ٿي وڃينس ٿو. مون اوھان جي شاگردن کي چيو تہ ’ھن مان اھو ڀوت ڪڍو.‘ پر اھي ڪڍي نہ سگھيا.“

19. عيسيٰ چيو تہ ”اي بي⁠يقين قوم! آءٌ اوھان سان ڪيستائين ھوندس ۽ ڪيستائين آءٌ اوھان جا ڏک سھندس؟ ھاڻي ڇوڪري کي مون وٽ وٺي اچو.“

20. انھن ڇوڪري کي وٽس آندو. جڏھن ڀوت عيسيٰ کي ڏٺو، تڏھن ھن ڇوڪري کي ڏاڍو جھنجھوڙيو ۽ ڇوڪرو پٽ تي ڪري ليٿڙڻ لڳو ۽ وات مان گڦ پئي وھيس.

21. عيسيٰ پڻس کان پڇيو تہ ”ڪيترن ڏينھن کان ھن جو ھي حال آھي؟“ ھُن جواب ڏنو تہ ”ننڍي ھوندي کان ئي وٺي.

22. ڀوت ڇوڪري کي مارڻ جي ڪوشش بہ پئي ڪئي آھي، ڇوتہ ڪيترا ئي دفعا کيس باھہ ۽ پاڻيءَ ۾ اڇلايو اٿس. ھاڻي اسان تي ڪو رحم ڪريو ۽ اسان جي مدد ڪريو جيڪڏھن اوھين ڪري سگھو ٿا.“

23. عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”اوھان جي لفظن ’جيڪڏھن ڪجھہ ڪري سگھو ٿا‘ جو مطلب ڇا آھي؟ جيڪوبہ ايمان آڻي ٿو تنھن لاءِ سڀ ڪجھہ ٿي سگھي ٿو.“

24. تنھن تي ڇوڪري جي پيءُ ھڪدم واڪو ڪري چيو تہ ”آءٌ ايمان آڻيان ٿو، پر جيڪڏھن منھنجو ايمان ڪامل نہ آھي تہ مدد ڪريو.“

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 9