نئين عهد نامي

مرقس 9:1-17 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. عيسيٰ کين چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ھتي ڪي اھڙا شخص بہ بيٺل آھن جيڪي جيستائين خدا جي بادشاھت کي قدرت سان ايندي نہ ڏسندا، تيستائين ھرگز موت جو ذائقو نہ چکندا.“

2. ڇھن ڏينھن کان پوءِ عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ يوحنا کي ھڪ مٿاھين جبل تي نويڪلائيءَ ۾ وٺي ويو. تڏھن انھن جي ڏسندي ڏسندي عيسيٰ جي صورت بدلجي پيئي.

3. سندس پوشاڪ اھڙي سفيد تجليدار ٿي پيئي جو جيڪر دنيا جو ڪوبہ ڌوٻي پوشاڪ کي اھڙو سفيد ڪري نہ سگھي.

4. پوءِ انھن موسيٰ ۽ الياس نبيءَ کي ڏٺو، جيڪي عيسيٰ سان ڳالھيون ڪري رھيا ھئا.

5. تنھن تي پطرس عيسيٰ کي چيو تہ ”سائين! اھا اسان جي خوش⁠نصيبي آھي جو اسين ھتي آھيون. اسين ھتي ٽي تنبو ٿا کڻي کوڙيون ھڪ اوھان لاءِ، ھڪ موسيٰ لاءِ ۽ ھڪ الياس لاءِ.“

6. پطرس کي خبر نہ پئي پوي تہ ھو ڇا پيو چوي، ڇوتہ ھو ۽ ٻيا شاگرد ڏاڍا ڊڄي ويا ھئا.

7. ايتري ۾ ھڪڙي ڪڪر اچي ھنن جي مٿان ڇانوَ ڪئي ۽ انھيءَ ڪڪر مان ھڪ آواز آيو تہ ”ھي منھنجو ھڪڙو ئي پيارو فرزند آھي. سو ھن جي ڌيان سان ٻڌو.“

8. ھنن جلدي ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو، پر کين عيسيٰ کان سواءِ اتي ٻيو ڪوبہ نظر نہ آيو.

9. پوءِ جڏھن ھو جبل تان ھيٺ پئي لٿا تہ عيسيٰ کين تاڪيد ڪيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ، سو تيستائين ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائجو جيستائين ابن⁠آدم موت کان پوءِ وري جيئرو نہ ٿئي.“

10. انھن عيسيٰ جو حڪم تہ مڃيو پر پاڻ ۾ ھن معاملي تي بحث ڪرڻ لڳا تہ ”موت کان پوءِ جيئرو ٿيڻ جو مطلب ڇا آھي؟“

11. شاگردن کانئس پڇيو تہ ”شريعت جا عالم ڇو ٿا چون تہ پھريائين الياس نبيءَ جو اچڻ ضروري آھي؟“

12. تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”برابر، اھو پھريائين ايندو ۽ ھر ھڪ شيءِ تيار ڪندو. پر صحيفي ۾ ائين بہ لکيل آھي تہ ابن⁠آدم گھڻيون سختيون سھندو ۽ ڌڪاريو ويندو؟

13. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ الياس اچي چڪو، پر ماڻھن کي جيئن وڻيو تيئن ئي ساڻس سلوڪ ڪيائون، جيئن ھن بابت صحيفي ۾ لکيل آھي.“

14. جڏھن اھي موٽي اچي ٻين شاگردن سان مليا تہ ڏٺائون تہ انھن جي چوڌاري ماڻھن جو ھڪ وڏو ميڙ آھي ۽ شريعت جا ڪي عالم شاگردن سان بحث ڪري رھيا آھن.

15. عيسيٰ کي ڏسڻ شرط اھي سڀ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ خوشيءَ وچان ڊوڙي وڃي سندس استقبال ڪيائون.

16. عيسيٰ انھيءَ ميڙ کان پڇيو تہ ”اوھين منھنجي شاگردن سان ڪھڙيءَ ڳالھہ تي بحث ڪري رھيا ھئا؟“

17. تنھن تي ميڙ مان ھڪڙي ماڻھوءَ وراڻيو تہ ”اي استاد! مون پنھنجو پٽ اوھان وٽ آندو ھو، ڇالاءِ⁠جو منجھس ھڪ ڀوت آھي ۽ ڳالھائي بہ نہ ٿو سگھي.

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 9