نئين عهد نامي

مرقس 8:2-20 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

2. ”مون کي ھنن ماڻھن لاءِ ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھي ٽن ڏينھن کان وٺي مون سان گڏ آھن ۽ ھاڻي کين ڪجھہ بہ ڪونھي جو کڻي کائين.

3. ھاڻي جيڪڏھن آءٌ انھن کي پنھنجن گھرن ڏانھن بکئي پيٽ ٿو موڪليان تہ اھي رستي تي ساڻا ٿي پوندا، ڇالاءِ⁠جو انھن مان ڪيترا ئي پري کان آيل آھن.“

4. شاگردن وراڻيس تہ ”ھتي سڃ ۾ ايتري ماني ڪٿان اچي جو ھنن ماڻھن جو پيٽ ڀرجي؟“

5. عيسيٰ شاگردن کان پڇيو تہ ”اوھان وٽ ڪيتريون مانيون آھن؟“ انھن وراڻيو تہ ”ست.“

6. ھن ماڻھن کي حڪم ڏنو تہ ”زمين تي ويھو.“ پوءِ ھن ستن مانين کي کڻي خدا کان انھن ۾ برڪت گھُري ۽ ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪندو شاگردن کي ڏيندو ويو تہ انھن جي اڳيان رکندا وڃن ۽ انھن ائين ئي ڪيو.

7. اُنھن وٽ ٿوريون ڪُرڙيون بہ ھيون، تن تي بہ برڪت گھُري شاگردن کي ڏنائين ۽ چيائين تہ ”اھي بہ کڻي ماڻھن جي اڳيان رکو.“

8. اُنھن تہ کائي ڍءُ ڪيو پر ٽڪر ڳڀا ايترا تہ بچيا جو شاگردن ست کاريون ڀري کنيون.

9. اھي اٽڪل چار ھزار کن ماڻھو ھئا. پوءِ عيسيٰ انھن کي موڪل ڏني

10. ۽ پاڻ پنھنجن شاگردن سميت ٻيڙيءَ ۾ چڙھي دلمنوٿا جي علائقي ۾ ويو.

11. فريسي عيسيٰ وٽ آيا ۽ اچي ساڻس بحث ڪرڻ لڳا ۽ کيس آزمائڻ لاءِ چيائون تہ ”آسمان مان ڪو معجزو ڏيکار.“

12. تنھن تي ھن ٿڌو ساھہ کڻي چيو تہ ”ھن زماني جا ماڻھو معجزو ڇو ٿا گھرن؟ آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ ھن زماني جي ماڻھن کي ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو ويندو.“

13. پوءِ ھو انھن کي ڇڏي موٽي وڃي ٻيڙيءَ ۾ چڙھيو ۽ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر ھليو ويو.

14. شاگردن کي مانيون کڻڻ وسري ويون ۽ ٻيڙيءَ ۾ ھڪڙي مانيءَ کان سواءِ انھن وٽ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونہ ھو.

15. عيسيٰ چين تہ ”ڏسو، خبردار ٿجو، متان فريسين ۽ ھيروديس جي خميري ۾ ڦاسجي پئو.“

16. تنھنڪري ھو پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”ھن اسان کي اھو انھيءَ ڪري چيو جو اسان وٽ ماني ڪونھي.“

17. عيسيٰ سندن ڳالھہ سمجھي ويو ۽ چيائين تہ ”ڇو ٿا پاڻ ۾ بحث ڪريو تہ اسان وٽ ماني ڪونھي؟ ڇا اوھين اڃا تائين نہ ٿا ڄاڻو ۽ سمجھو؟ ڇا اوھان جا دماغ ايترا چٽ آھن؟

18. ڇا اوھين اکين ھوندي بہ ڏسي نہ ٿا سگھو؟ ڇا اوھين ڪنن ھوندي بہ ٻڌي نہ ٿا سگھو؟ ڇا اوھان کي ياد نہ آھي؟

19. جڏھن مون پنج مانيون پنج ھزار ماڻھن کي ڀڃي ڏنيون تہ ان وقت اوھان ڪيتريون کاريون اوبر جي بچيل ٽڪرن جون ڀري کنيون ھيون؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ٻارھن کاريون.“

20. عيسيٰ وري پڇين تہ ”جڏھن مون ست مانيون چار ھزار ماڻھن ۾ ورھائي پوريون ڪيون ھيون تہ اوھان ان وقت اوبر جي ٽڪرن جون ڪيتريون کاريون ڀري کنيون ھيون؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ست کاريون.“

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 8