نئين عهد نامي

مرقس 7:3-14 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

3. جڏھن تہ فريسي ۽ سڀ يھودي پنھنجن وڏن جي رسم موجب، جيستائين پنھنجا ھٿ پنھنجي خاص نموني سان نہ ڌوئن تيستائين نہ کائيندا آھن،

4. ۽ جڏھن بازار کان اچن تڏھن جيسين نہ وھنجن تيسين ڪين کائيندا آھن. انھن وٽ ٻيون بہ گھڻيون ريتون رسمون آھن جھڙوڪ: پيالن، لوٽن، پتل جي ٿانون ۽ بسترن کي ڌوئڻ.

5. سو فريسين ۽ شريعت جي عالمن عيسيٰ کان اچي پڇيو تہ ”اوھان جا شاگرد وڏن جي ريتن رسمن موجب ڇو نہ ٿا ھلن ۽ پليت ھٿن سان ڇو ٿا ماني کائين؟“

6. تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”اوھان رياڪارن جي بابت يسعياہ ڪھڙي نہ پيشنگوئي ڪري ويو آھي تہ’ھيءَ قوم پنھنجن چپن سان تہ مون کي عزت ڏئي ٿي،پر ھنن جي دل مون کي نہ ٿي گھُري.

7. ھو منھنجي عبادت اجائي ٿا ڪن،ڇالاءِ⁠جو ھو ماڻھن جا حڪم ائين ٿا سيکارينڄڻ تہ اھي خدا جا حڪم آھن.‘“

8. عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اوھين خدا جو حڪم ڇڏي انساني ريتن رسمن ۾ ڦاسي پيا آھيو.

9. اوھين پنھنجن ريتن رسمن کي پوري ڪرڻ خاطر خدا جي حڪمن کي ڪيئن نہ پٺيءَ پويان اڇلائي ٿا ڇڏيو.

10. جيئن تہ موسيٰ فرمايو آھي تہ ’پنھنجي ماءُ ۽ پنھنجي پيءُ جي عزت ڪريو.‘ ۽ ’جيڪو پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ جي گلا ڪري تنھن کي اڦٽ ماريو وڃي.‘

11. پر اوھين ماڻھن کي سيکاريو ٿا تہ ’جيڪڏھن ڪنھن وٽ ڪا شيءِ آھي جنھن سان ھو پنھنجي ماءُ⁠پيءُ جي گھرج پوري ڪري سگھيو ٿي، پر ھن اھا قربان، يعني خدا جي نذر ڪري ڇڏي آھي،

12. تہ پوءِ ھو ماءُ⁠پيءُ جي گھرج پوري ڪرڻ کان ڇٽي وڃي ٿو.‘

13. اھڙيءَ طرح اوھين پنھنجين ريتن رسمن سان خدا جو ڪلام رد ٿا ڪريو. اھڙي نموني ٻيون بہ ڪيتريون ئي ڳالھيون آھن جيڪي اوھين ڪريو ٿا.“

14. عيسيٰ سڄي خلق کي وري پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”اوھين سڀ منھنجي ڳالھہ ٻڌو ۽ سمجھو.

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 7