نئين عهد نامي

مرقس 4:26-40 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

26. عيسيٰ ٻڌايو تہ ”خدا جي بادشاھت ان ماڻھوءَ مثل آھي، جيڪو پنھنجي ٻنيءَ ۾ ٻج ڇٽي ٿو.

27. ھو رات جو سمھي ٿو ۽ ڏينھن جو جاڳي ٿو ۽ ٻج اھڙيءَ طرح ڦٽي ھلي ٿو جو ھن کي ان جي خبر ئي نہ ٿي پوي.

28. زمين پاڻھي ئي فصل ڏئي ٿي، پھريائين سلو، پوءِ سنگ ۽ ان کان پوءِ سنگ ۾ داڻا ٿين ٿا.

29. پر جڏھن فصل پچي تيار ٿئي ٿو تڏھن ھو ھڪدم انھيءَ ۾ ڏاٽو وجھي ٿو، ڇالاءِ⁠جو لاباري جو وقت اچي ويو آھي.“

30. عيسيٰ چيو تہ ”اسين خدا جي بادشاھت کي ڇا سان ڀيٽيون ۽ ان کي سمجھائڻ لاءِ اسين ڪھڙو مثال ڏيون؟

31. اھا سرنھن جي داڻي مثل آھي، جيڪو پوکڻ وقت سڀني کان ننڍو آھي،

32. پر پوکڻ کان پوءِ اڀري سڀني ٻوٽن کان وڌي وڃي ٿو ۽ ايڏيون تہ وڏيون ٽاريون ٿو جھلي جو پکي سندس ٽارين ۾ واھيرو ڪن ٿا.“

33. جيتري کين سمجھڻ جي سگھہ ھئي، عيسيٰ اوترا مثال ڏيئي انھن کي خدا جو ڪلام ٻڌايو.

34. ھو مثالن کان سواءِ انھن سان نہ ڳالھائيندو ھو، پر جڏھن شاگردن سان اڪيلائپ ۾ ھوندو ھو تہ کين سڀني ڳالھين جو مطلب سمجھائيندو ھو.

35. انھيءَ ساڳئي ڏينھن شام جو عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”ھلو تہ ڍنڍ جي ھُن ڀر ھلون.“

36. تنھن تي ھنن خلق کي اتي ئي ڇڏيو ۽ جنھن ٻيڙيءَ ۾ عيسيٰ اڳي ئي ويٺل ھو، تنھن ۾ چڙھي ساڻس گڏ روانا ٿيا. ٻيون ٻيڙيون بہ انھيءَ ٻيڙيءَ سان گڏ ھيون.

37. اوچتو ئي ھڪڙو وڏو طوفان آيو ۽ ڇولين ٻيڙيءَ تي اھڙو تہ سٽڪو لائي ڏنو جو ٻيڙي پاڻيءَ سان ڀرجي ٻڏڻ لڳي.

38. عيسيٰ ٻيڙيءَ جي پاڇيل تي وھاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ستو پيو ھو تہ شاگردن اچي کيس جاڳايو ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسين مرڻ تي آھيون ۽ اوھان کي ڪو خيال ئي نہ ٿو ٿئي؟“

39. تنھن تي عيسيٰ اُٿيو ۽ واءُ کي ڇينڀيائين ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي حڪم ڪيائين تہ ”ماٺيون ٿيو.“ تڏھن طوفان بيھجي ويو ۽ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي.

40. پوءِ عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوھين ڇو ٿا ڊڄو؟ ڇا اوھان کي اڃا تائين مون تي ايمان نہ آھي؟“

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 4