نئين عهد نامي

مرقس 4:24-33 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

24. عيسيٰ اھو بہ چين تہ ”جيڪي ڪجھہ ٻڌو ٿا تنھن تي ڌيان ڏيو، ڇالاءِ⁠جو جنھن ماپي سان اوھين ماپي ڏيندا تنھن ئي ماپي سان اوھان کي بہ ماپجي ملندو، بلڪ ان کان بہ وڌيڪ ملندو.

25. ڇالاءِ⁠جو جنھن وٽ آھي تنھن کي وڌيڪ ڏنو ويندو ۽ جنھن وٽ ڪجھہ بہ نہ آھي تنھن کان اھو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آھي.“

26. عيسيٰ ٻڌايو تہ ”خدا جي بادشاھت ان ماڻھوءَ مثل آھي، جيڪو پنھنجي ٻنيءَ ۾ ٻج ڇٽي ٿو.

27. ھو رات جو سمھي ٿو ۽ ڏينھن جو جاڳي ٿو ۽ ٻج اھڙيءَ طرح ڦٽي ھلي ٿو جو ھن کي ان جي خبر ئي نہ ٿي پوي.

28. زمين پاڻھي ئي فصل ڏئي ٿي، پھريائين سلو، پوءِ سنگ ۽ ان کان پوءِ سنگ ۾ داڻا ٿين ٿا.

29. پر جڏھن فصل پچي تيار ٿئي ٿو تڏھن ھو ھڪدم انھيءَ ۾ ڏاٽو وجھي ٿو، ڇالاءِ⁠جو لاباري جو وقت اچي ويو آھي.“

30. عيسيٰ چيو تہ ”اسين خدا جي بادشاھت کي ڇا سان ڀيٽيون ۽ ان کي سمجھائڻ لاءِ اسين ڪھڙو مثال ڏيون؟

31. اھا سرنھن جي داڻي مثل آھي، جيڪو پوکڻ وقت سڀني کان ننڍو آھي،

32. پر پوکڻ کان پوءِ اڀري سڀني ٻوٽن کان وڌي وڃي ٿو ۽ ايڏيون تہ وڏيون ٽاريون ٿو جھلي جو پکي سندس ٽارين ۾ واھيرو ڪن ٿا.“

33. جيتري کين سمجھڻ جي سگھہ ھئي، عيسيٰ اوترا مثال ڏيئي انھن کي خدا جو ڪلام ٻڌايو.

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 4