نئين عهد نامي

مرقس 3:7-13 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

7. عيسيٰ پنھنجن شاگردن سان گڏجي گليل ڍنڍ جي پاسي نڪري ويو تہ ماڻھن جو وڏو ميڙ سندس پٺيان آيو. گليل، يھوديہ،

8. يروشلم، ادوم ۽ اردن درياء جي اڀرندي پاسي کان، صور ۽ صيدا جي آس⁠پاس کان بہ ماڻھن جا وڏا ميڙ وٽس آيا، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن ٻڌو ھو تہ ھو عجيب وَ غريب ڪم ٿو ڪري.

9. جيئن تہ ماڻھن جو گھڻو ڳاھٽ ھو تنھنڪري عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”ھڪڙي ٻيڙي تيار ڪريو، متان ماڻھو مون کي ڳاھي نہ ڇڏين.“

10. جيئن تہ ھن گھڻن ماڻھن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو ھو، تنھنڪري جن کي بہ بيماري ھئي سي کيس ھٿ لائڻ لاءِ ڏاڍا آتا ھئا.

11. ڀوتن ورتل ماڻھو جڏھن عيسيٰ کي ڏسندا ھئا تہ پٽ تي ڪري رڙيون ڪري چوندا ھئا تہ ”تون خدا جو فرزند آھين.“

12. پر عيسيٰ انھن کي سختيءَ سان ڇينڀي تاڪيد ڪندو ھو تہ ”مون کي ظاھر نہ ڪريو.“

13. عيسيٰ ھڪڙي جابلو علائقي ۾ ويو ۽ انھن ماڻھن کي گھرايائين جن کي ھو چاھي پيو ۽ اھي وٽس آيا.

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 3