نئين عهد نامي

مرقس 3:1-6 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ان کان پوءِ عيسيٰ عبادت⁠خاني ۾ موٽي ويو، جتي ھڪڙو سڪل ھٿ وارو ماڻھو ويٺل ڏٺائين.

2. ڪي ماڻھو انھيءَ تاڙ ۾ ھئا تہ عيسيٰ ھن کي سبت جي ڏينھن شفا ڏئي تہ ھو مٿس تھمت ھڻن.

3. عيسيٰ سڪل ھٿ واري ماڻھوءَ کي چيو تہ ”وچ ۾ ٿي بيھہ.“

4. پوءِ ماڻھن کان پڇيائين تہ ”سبت جي ڏينھن نيڪي ڪرڻ جائز آھي يا بدي، حياتي بچائڻ جائز آھي يا مارڻ؟“ پر ھو ڪجھہ بہ ڪڇي نہ سگھيا.

5. عيسيٰ انھن ڏانھن چوڌاري ڪاوڙ ۾ ڏٺو، پر ساڳي وقت کيس انھن جي ھٺ ۽ ھوڏ تي ارمان بہ پئي ٿيو. پوءِ انھيءَ ماڻھوءَ کي چيائين تہ ”ھٿ ڊگھو ڪر.“ ھن ھٿ ڊگھيريو تہ سندس ھٿ ٺيڪ ٿي ويو.

6. تنھن تي فريسي جلدي ٻاھر نڪري ويا ۽ ھيروديس جي پارٽيءَ جي ميمبرن سان عيسيٰ جي خلاف سازشون سٽڻ لڳا تہ ڪيئن کيس ختم ڪجي.

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 3