نئين عهد نامي

مرقس 2:4-15 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

4. جيئن تہ سخت ڀيڙ جي ڪري ھو اندر اچي نہ سگھيا، سو جنھن جاءِ ۾ عيسيٰ ويٺل ھو، تنھن جي ڇت کي ڦاڙ ڪيائون. جڏھن ڦاڙ ويڪرو ٿيو تہ ھنن کٽولو، جنھن تي اڌرنگي پيل ھو سو ھيٺ لاٿو.

5. عيسيٰ انھن جو ايڏو ايمان ڏسي انھيءَ اڌرنگي شخص کي چيو تہ ”پٽ، تنھنجا گناھہ بخشجي ويا.“

6. پر اتي ڪي شريعت جا عالم ويٺا ھئا، سي پنھنجين دلين ۾ دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ

7. ”ھي ماڻھو ائين ڇو ٿو چوي؟ ھي تہ ڪفر ٿو بڪي، ڇالاءِ⁠جو خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناھہ بخشي نہ ٿو سگھي.“

8. عيسيٰ ھڪدم انھن جي دلين جي دليلن کي ڄاڻي ورتو، سو کين چيائين تہ ”ڇو اوھين پنھنجين دلين ۾ اھڙا دليل ڊوڙايو ٿا؟

9. ڇا اھو سولو آھي تہ ھن اڌرنگي ماڻھوءَ کي چئجي تہ ’تنھنجا گناھہ بخشجي ويا‘ يا اھو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر؟‘

10. پر آءٌ اوھان تي ثابت ڪندس تہ ابن⁠آدم کي دنيا ۾ ماڻھن جي گناھہ بخشڻ جي اختياري مليل آھي.“ سو عيسيٰ اڌرنگيءَ شخص کي چيو تہ

11. ”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھر ھليو وڃ.“

12. سڀني ماڻھن جي ڏسندي ئي ھو اُٿي بيٺو، پنھنجو کٽولو کنيائين ۽ تڪڙو تڪڙو ھليو ويو. ھو سڀيئي ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”اسان ڪڏھن بہ اھڙي ڳالھہ نہ ڏٺي آھي!“

13. عيسيٰ وري ڍنڍ جي ڪناري سان پئي ويو تہ ھن وٽ ھڪ ميڙ اچي گڏ ٿيو ۽ ھن انھن کي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي.

14. واٽ ويندي ھن حلفيءَ جي پٽ لاويءَ کي محصولي اڏي تي ويٺل ڏٺو. عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“ تنھن تي لاوي اٿيو ۽ ھن جي پٺيان ھلڻ لڳو.

15. تنھن کان پوءِ عيسيٰ لاويءَ جي گھر پنھنجن شاگردن سان گڏ دسترخوان تي ويٺو ھو تہ ساڻس ڪيئي محصول اڳاڙيندڙ ۽ گنھگار بہ گڏ ويٺا ھئا، ڇالاءِ⁠جو اھڙا گھڻا ئي ھئا جيڪي عيسيٰ جي پٺيان ايندا ھئا.

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 2