نئين عهد نامي

مرقس 2:24-28 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

24. تنھن تي فريسين عيسيٰ کي چيو تہ ”ڏسو، اوھان جا شاگرد اھو ڪم ڇو ٿا ڪن جيڪو سبت جي ڏينھن تي جائز نہ آھي؟“

25. عيسيٰ چين تہ ”ڇا اوھان اھو نہ پڙھيو آھي تہ جڏھن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي ھئي ۽ کين کائڻ لاءِ ڪجھہ گھربو ھو، تڏھن دائود ڇا ڪيو ھو؟

26. ھو سردار ڪاھن ابياتر جي ڏينھن ۾ خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو. اتي ھن نذر جون مانيون پاڻ بہ کاڌيون ۽ پنھنجن ساٿين کي بہ ڏنيون، جيتوڻيڪ اُھي مانيون ڪاھنن کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي بہ کائڻ جائز نہ ھيون.“

27. عيسيٰ انھن کي وڌيڪ چيو تہ ”سبت ماڻھن لاءِ ٺھيو آھي، نہ ماڻھو سبت جي لاءِ.

28. ابن⁠آدم تہ سبت جو بہ مالڪ آھي.“

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 2