نئين عهد نامي

مرقس 2:10-19 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

10. پر آءٌ اوھان تي ثابت ڪندس تہ ابن⁠آدم کي دنيا ۾ ماڻھن جي گناھہ بخشڻ جي اختياري مليل آھي.“ سو عيسيٰ اڌرنگيءَ شخص کي چيو تہ

11. ”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھر ھليو وڃ.“

12. سڀني ماڻھن جي ڏسندي ئي ھو اُٿي بيٺو، پنھنجو کٽولو کنيائين ۽ تڪڙو تڪڙو ھليو ويو. ھو سڀيئي ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”اسان ڪڏھن بہ اھڙي ڳالھہ نہ ڏٺي آھي!“

13. عيسيٰ وري ڍنڍ جي ڪناري سان پئي ويو تہ ھن وٽ ھڪ ميڙ اچي گڏ ٿيو ۽ ھن انھن کي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي.

14. واٽ ويندي ھن حلفيءَ جي پٽ لاويءَ کي محصولي اڏي تي ويٺل ڏٺو. عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“ تنھن تي لاوي اٿيو ۽ ھن جي پٺيان ھلڻ لڳو.

15. تنھن کان پوءِ عيسيٰ لاويءَ جي گھر پنھنجن شاگردن سان گڏ دسترخوان تي ويٺو ھو تہ ساڻس ڪيئي محصول اڳاڙيندڙ ۽ گنھگار بہ گڏ ويٺا ھئا، ڇالاءِ⁠جو اھڙا گھڻا ئي ھئا جيڪي عيسيٰ جي پٺيان ايندا ھئا.

16. ڪن شريعت جي عالم فريسين جڏھن ڏٺو تہ عيسيٰ محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ٿو کائي، تڏھن انھن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”ھو محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي؟“

17. عيسيٰ ھي ٻڌي ورتو ۽ چيائين تہ ”چڱن ڀلن کي نہ بلڪ بيمارن کي حڪيم جي گھرج ھوندي آھي. آءٌ نيڪن کي نہ پر گنھگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آھيان.“

18. ھڪڙي دفعي جڏھن يحيٰ جا شاگرد ۽ فريسي روزي سان ھئا تہ ڪي ماڻھو عيسيٰ وٽ آيا ۽ اچي پڇيائونس تہ ”يحيٰ جا شاگرد ۽ فريسي تہ روزا رکن ٿا پر اوھان جا شاگرد ڇو نہ ٿا روزا رکن؟“

19. عيسيٰ انھن کي جواب ڏنو تہ ”ڇا گھوٽ جا ڄاڃي روزا رکي سگھن ٿا جڏھن تہ گھوٽ بہ انھن سان ھجي؟

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 2