نئين عهد نامي

مرقس 2:1-11 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ڪن ڏينھن کان پوءِ عيسيٰ ڪفرناحوم ۾ وري موٽي آيو ۽ اھا خبر پکڙجي ويئي تہ ھو گھر ۾ آھي.

2. سو ايترا تہ ماڻھو اچي مڙيا جو دروازي تي بہ بيھڻ جي جاءِ ڪانہ ھئي. عيسيٰ انھن کي خدا جو ڪلام پئي ٻڌايو،

3. تہ ڪي ماڻھو ھڪ اڌرنگيءَ شخص کي چئن ماڻھن کان کڻائي وٽس آيا.

4. جيئن تہ سخت ڀيڙ جي ڪري ھو اندر اچي نہ سگھيا، سو جنھن جاءِ ۾ عيسيٰ ويٺل ھو، تنھن جي ڇت کي ڦاڙ ڪيائون. جڏھن ڦاڙ ويڪرو ٿيو تہ ھنن کٽولو، جنھن تي اڌرنگي پيل ھو سو ھيٺ لاٿو.

5. عيسيٰ انھن جو ايڏو ايمان ڏسي انھيءَ اڌرنگي شخص کي چيو تہ ”پٽ، تنھنجا گناھہ بخشجي ويا.“

6. پر اتي ڪي شريعت جا عالم ويٺا ھئا، سي پنھنجين دلين ۾ دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ

7. ”ھي ماڻھو ائين ڇو ٿو چوي؟ ھي تہ ڪفر ٿو بڪي، ڇالاءِ⁠جو خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناھہ بخشي نہ ٿو سگھي.“

8. عيسيٰ ھڪدم انھن جي دلين جي دليلن کي ڄاڻي ورتو، سو کين چيائين تہ ”ڇو اوھين پنھنجين دلين ۾ اھڙا دليل ڊوڙايو ٿا؟

9. ڇا اھو سولو آھي تہ ھن اڌرنگي ماڻھوءَ کي چئجي تہ ’تنھنجا گناھہ بخشجي ويا‘ يا اھو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر؟‘

10. پر آءٌ اوھان تي ثابت ڪندس تہ ابن⁠آدم کي دنيا ۾ ماڻھن جي گناھہ بخشڻ جي اختياري مليل آھي.“ سو عيسيٰ اڌرنگيءَ شخص کي چيو تہ

11. ”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھر ھليو وڃ.“

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 2