نئين عهد نامي

مرقس 16:2-11 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

2. آچر جي ڏينھن تي سج اڀرئي مھل اھي قبر تي آيون.

3. اھي پاڻ ۾ چئي رھيون ھيون تہ ”اسان لاءِ ڪير قبر جي منھن تان پٿر ھٽائيندو؟“ ڇالاءِ⁠جو اھو پٿر تمام وڏو ھو.

4. پر جڏھن اچي نھاريائون تہ ڇا ڏسن تہ اھو پٿر تہ اڳي ئي رڙھيو پيو آھي.

5. جڏھن قبر جي اندر ويون تہ ڏٺائون تہ ھڪ نوجوان نوراني پوشاڪ سان ساڄي طرف ويٺو آھي. اھي حيرانيءَ ۾ پئجي ويون.

6. تنھن تي انھيءَ جوان چين تہ ”حيران نہ ٿيو. اوھين عيسيٰ ناصريءَ کي ڳوليو ٿيون پيون نہ، جيڪو صليب تي چاڙھيو ويو ھو؟ ھو جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ ھتي ڪونھي. اِجھا! ھيءَ اھا جاءِ آھي جتي ھن کي رکيو ھئائون.

7. پر اوھين وڃو ۽ وڃي عيسيٰ جي شاگردن ۽ پطرس کي چئو تہ ’ھو اوھان کان اڳي ئي گليل ڏانھن وڃي رھيو آھي. اوھين ھن کي اتي ڏسندا، جيئن ھن پاڻ اوھان کي ٻڌايو ھو.‘“

8. اھي قبر کان ٻاھر نڪري وٺي ڀڳيون، ڇالاءِ⁠جو ھنن کي ڏڪڻي ۽ حيراني وٺي ويئي ھئي. انھن ڪنھن سان بہ نہ ڳالھايو ڇالاءِ⁠جو ھنن کي ڊپ پئي ٿيو.

9. عيسيٰ آچر جي صبح جو سوير جيئري ٿيڻ کان پوءِ پھريون دفعو مريم مگدلينيءَ کي ڏيکاري ڏني، جنھن مان ھن ست ڀوت ڪڍيا ھئا.

10. ھوءَ ويئي ۽ وڃي ھن جي ساٿين کي اھو ٻڌايائين، جيڪي سوڳ ڪندي روئن پيا.

11. جڏھن ھنن ٻڌو تہ عيسيٰ جيئرو آھي ۽ مريم ان کي ڏٺو آھي، تڏھن اھي مٿس اعتبار ئي نہ پيا ڪن.

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 16