نئين عهد نامي

مرقس 15:9-26 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

9. تڏھن ھن انھن کان پڇيو تہ ”ڇا اوھين چاھيو ٿا تہ آءٌ اوھان جي خاطر يھودين جي بادشاھہ کي آزاد ڪريان؟“

10. ڇاڪاڻ⁠تہ ھن ڄاتو پئي تہ ”سردار ڪاھنن حسد کان عيسيٰ کي قيد ڪري مون وٽ آندو آھي.“

11. پر سردار ڪاھنن خلق کي سمجھائي ڇڏيو ھو تہ ھو عيسيٰ جي بدران برابا کي انھن جي خاطر آزاد ڪري.

12. پلاطس وري بہ ورجائي پڇين تہ ”جنھن کي اوھين يھودين جو بادشاھہ ٿا سڏيو، تنھن کي آءٌ ڇا ڪريان؟“

13. تنھن تي انھن رڙيون ڪري چيو تہ ”انھيءَ کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻو.“

14. تڏھن پلاطس پڇين تہ ”ڇو، ھن ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آھي؟“ پر ھنن وٺي وڏيون رڙيون ڪيون تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻو.“

15. پلاطس تہ ماڻھن کي راضي رکڻ ٿي گھريو، سو ھن برابا کي انھن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو ۽ عيسيٰ کي چھبڪ ھڻائڻ کان پوءِ سپاھين جي حوالي ڪيائين تہ ”وڃي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻوس.“

16. سپاھي عيسيٰ کي گورنر جي محلات جي اڱڻ ۾ وٺي آيا ۽ پنھنجن ٻين ھمراھن کي سڏيائون.

17. انھن عيسيٰ کي واڱڻائي رنگ جا ڪپڙا ڍڪايا ۽ ڪنڊن جو ھڪڙو تاج ٺاھي مٿي تي رکيائونس.

18. پوءِ چوڻ لڳس تہ ”سلام، اي يھودين جا بادشاھہ!“

19. انھن کيس مٿي تي لٺ سان ڌڪ ھنيا، ٿڪون ھنيائونس ۽ گوڏن ڀر ويھي سجدو ڪرڻ لڳس.

20. جڏھن چٿرون ڪري چڪا تہ واڱڻائي ڪپڙا لھرائي وري ساڳيا پنھنجا ڪپڙا ڍڪايائونس. پوءِ اُھي کيس ٻاھر وٺي آيا تہ صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻنس.

21. رستي تي انھن کي شمعون نالي ھڪڙو ماڻھو مليو، جيڪو ٻھراڙيءَ مان شھر ڏانھن اچي رھيو ھو. ھو ڪرين جو رھاڪو ھو ۽ سڪندر ۽ روفس جو پيءُ ھو. انھيءَ کي ھنن زور ڀريو تہ ھو عيسيٰ جو صليب کڻي ھلي.

22. پوءِ اُھي عيسيٰ کي گلگٿا نالي جاءِ تي وٺي آيا، جنھن جي معنيٰ آھي ”کوپريءَ جي جاءِ.“

23. ھنن عيسيٰ کي مئي پيارڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن ۾ نشيدار شيءِ مُرَ گڏيل ھئي، پر ھن اُھا نہ پيتي.

24. ھنن کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھنيا ۽ سندس ڪپڙا پاڻ ۾ ورھائڻ لاءِ پُکا وڌائون تہ ڪھڙو ٽڪر ڪنھن کي ٿو ملي.

25. اھو صبح جو نائين بجي جو وقت ھو جڏھن انھن کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھنيا.

26. گناھہ جو اھو سبب لکي ھن جي مٿان ھنيائون تہ ”يھودين جو بادشاھہ.“

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 15