نئين عهد نامي

مرقس 15:7-21 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

7. انھن ڏينھن ۾ برابا نالي ھڪ ماڻھو جيل ۾ ٻين باغين سان گڏ ھو جن ھڪڙي فساد ۾ خون ڪيو ھو.

8. جڏھن خلق اچي گڏ ٿي ۽ دستور موجب پلاطس کان مروت گھريائون،

9. تڏھن ھن انھن کان پڇيو تہ ”ڇا اوھين چاھيو ٿا تہ آءٌ اوھان جي خاطر يھودين جي بادشاھہ کي آزاد ڪريان؟“

10. ڇاڪاڻ⁠تہ ھن ڄاتو پئي تہ ”سردار ڪاھنن حسد کان عيسيٰ کي قيد ڪري مون وٽ آندو آھي.“

11. پر سردار ڪاھنن خلق کي سمجھائي ڇڏيو ھو تہ ھو عيسيٰ جي بدران برابا کي انھن جي خاطر آزاد ڪري.

12. پلاطس وري بہ ورجائي پڇين تہ ”جنھن کي اوھين يھودين جو بادشاھہ ٿا سڏيو، تنھن کي آءٌ ڇا ڪريان؟“

13. تنھن تي انھن رڙيون ڪري چيو تہ ”انھيءَ کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻو.“

14. تڏھن پلاطس پڇين تہ ”ڇو، ھن ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آھي؟“ پر ھنن وٺي وڏيون رڙيون ڪيون تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻو.“

15. پلاطس تہ ماڻھن کي راضي رکڻ ٿي گھريو، سو ھن برابا کي انھن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو ۽ عيسيٰ کي چھبڪ ھڻائڻ کان پوءِ سپاھين جي حوالي ڪيائين تہ ”وڃي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻوس.“

16. سپاھي عيسيٰ کي گورنر جي محلات جي اڱڻ ۾ وٺي آيا ۽ پنھنجن ٻين ھمراھن کي سڏيائون.

17. انھن عيسيٰ کي واڱڻائي رنگ جا ڪپڙا ڍڪايا ۽ ڪنڊن جو ھڪڙو تاج ٺاھي مٿي تي رکيائونس.

18. پوءِ چوڻ لڳس تہ ”سلام، اي يھودين جا بادشاھہ!“

19. انھن کيس مٿي تي لٺ سان ڌڪ ھنيا، ٿڪون ھنيائونس ۽ گوڏن ڀر ويھي سجدو ڪرڻ لڳس.

20. جڏھن چٿرون ڪري چڪا تہ واڱڻائي ڪپڙا لھرائي وري ساڳيا پنھنجا ڪپڙا ڍڪايائونس. پوءِ اُھي کيس ٻاھر وٺي آيا تہ صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻنس.

21. رستي تي انھن کي شمعون نالي ھڪڙو ماڻھو مليو، جيڪو ٻھراڙيءَ مان شھر ڏانھن اچي رھيو ھو. ھو ڪرين جو رھاڪو ھو ۽ سڪندر ۽ روفس جو پيءُ ھو. انھيءَ کي ھنن زور ڀريو تہ ھو عيسيٰ جو صليب کڻي ھلي.

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 15