نئين عهد نامي

مرقس 15:38-47 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

38. تڏھن ھيڪل جو پردو چوٽيءَ کان وٺي تري تائين ٻن حصن ۾ چيرجي ويو.

39. فوجي صوبيدار جيڪو صليب جي اڳيان بيٺو ھو تنھن عيسيٰ کي ائين دم ڏيندي ڏسي چيو تہ ”سچ⁠پچ تہ ھي ماڻھو خدا جو فرزند ھو.“

40. اُتي ڪي عورتون بہ ھيون، جيڪي پري کان ڏسي رھيون ھيون. انھن ۾ مريم مگدليني، ننڍي يعقوب ۽ يوسف جي ماءُ مريم ۽ سلومي ھيون.

41. جڏھن عيسيٰ گليل ۾ ھو تڏھن انھن سندس خدمت ڪئي ھئي ۽ سندس پٺيان لڳيون ھيون. ٻيون بہ ڪيتريون ئي عورتون ھيون جيڪي ھن سان گڏ يروشلم ۾ آيون ھيون.

42. شام ٿي چڪي ھئي ۽ اھا شام سبت جي ڏينھن کان اڳئين تياريءَ جي ڏينھن جي ھئي.

43. تڏھن ارمٿيا جو ھڪ شخص يوسف آيو جو ڪائونسل جو ھڪ معزز ميمبر ھو ۽ پاڻ خدا جي بادشاھت جو ڳولائو ھو. اھو ھمت ڪري پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ عيسيٰ جي لاش وٺڻ لاءِ عرض ڪيائين.

44. پلاطس کي حيرت وٺي ويئي تہ عيسيٰ ايترو جلد ڪيئن مري ويو. ھن ھڪ فوجي صوبيدار کي گھرائي کانئس پڇيو تہ ”عيسيٰ کي مئي ڪيترو وقت ٿيو آھي؟“

45. صوبيدار جي خاطري ڏيارڻ کان پوءِ پلاطس يوسف کي لاش کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني.

46. يوسف اُچو ڪفن خريد ڪيو، لاش کي لھرائي اُن ۾ ويڙھيائين ۽ قبر ۾ رکيائين، جيڪا ٽڪر تي کوٽيل ھئي. پوءِ ھڪڙو وڏو پٿر ريڙھي قبر جي منھن تي ڏنائين.

47. مريم مگدليني ۽ يوسف جي ماءُ مريم اھو ھنڌ ڏٺو پئي جتي ميت کي رکيو ويو.

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 15