نئين عهد نامي

مرقس 15:34-40 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

34. ٽپھريءَ مھل عيسيٰ وڏي آواز ۾ رڙيون ڪيون تہ ”الوئي، الوئي، لما سبخٿني؟“جنھن جي معنيٰ آھي تہ ”اي منھنجا خدا! اي منھنجا خدا! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آھي؟“

35. جيڪي ماڻھو اُتي بيٺا ھئا تن مان ڪن ھن جا اھي لفظ ٻڌا ۽ چيائون تہ ”ڏسو، ھو الياس نبيءَ کي سڏي رھيو آھي.“

36. انھن مان ھڪڙو ماڻھو ڀڳو ۽ فوم جھڙي ھڪ شيءِ کڻي ڪؤڙي مئي سان ڀري ڪاني جي چوٽيءَ تي ٻڌي عيسيٰ کي پيئڻ لاءِ ڏيندي چيائين تہ ”ڇڏي ڏيوس، ڏسون تہ ھن کي الياس صليب تان ھيٺ لاھڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ.“

37. پوءِ عيسيٰ وڏيءَ رڙ سان دم ڏنو.

38. تڏھن ھيڪل جو پردو چوٽيءَ کان وٺي تري تائين ٻن حصن ۾ چيرجي ويو.

39. فوجي صوبيدار جيڪو صليب جي اڳيان بيٺو ھو تنھن عيسيٰ کي ائين دم ڏيندي ڏسي چيو تہ ”سچ⁠پچ تہ ھي ماڻھو خدا جو فرزند ھو.“

40. اُتي ڪي عورتون بہ ھيون، جيڪي پري کان ڏسي رھيون ھيون. انھن ۾ مريم مگدليني، ننڍي يعقوب ۽ يوسف جي ماءُ مريم ۽ سلومي ھيون.

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 15