نئين عهد نامي

مرقس 15:15-35 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

15. پلاطس تہ ماڻھن کي راضي رکڻ ٿي گھريو، سو ھن برابا کي انھن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو ۽ عيسيٰ کي چھبڪ ھڻائڻ کان پوءِ سپاھين جي حوالي ڪيائين تہ ”وڃي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻوس.“

16. سپاھي عيسيٰ کي گورنر جي محلات جي اڱڻ ۾ وٺي آيا ۽ پنھنجن ٻين ھمراھن کي سڏيائون.

17. انھن عيسيٰ کي واڱڻائي رنگ جا ڪپڙا ڍڪايا ۽ ڪنڊن جو ھڪڙو تاج ٺاھي مٿي تي رکيائونس.

18. پوءِ چوڻ لڳس تہ ”سلام، اي يھودين جا بادشاھہ!“

19. انھن کيس مٿي تي لٺ سان ڌڪ ھنيا، ٿڪون ھنيائونس ۽ گوڏن ڀر ويھي سجدو ڪرڻ لڳس.

20. جڏھن چٿرون ڪري چڪا تہ واڱڻائي ڪپڙا لھرائي وري ساڳيا پنھنجا ڪپڙا ڍڪايائونس. پوءِ اُھي کيس ٻاھر وٺي آيا تہ صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻنس.

21. رستي تي انھن کي شمعون نالي ھڪڙو ماڻھو مليو، جيڪو ٻھراڙيءَ مان شھر ڏانھن اچي رھيو ھو. ھو ڪرين جو رھاڪو ھو ۽ سڪندر ۽ روفس جو پيءُ ھو. انھيءَ کي ھنن زور ڀريو تہ ھو عيسيٰ جو صليب کڻي ھلي.

22. پوءِ اُھي عيسيٰ کي گلگٿا نالي جاءِ تي وٺي آيا، جنھن جي معنيٰ آھي ”کوپريءَ جي جاءِ.“

23. ھنن عيسيٰ کي مئي پيارڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن ۾ نشيدار شيءِ مُرَ گڏيل ھئي، پر ھن اُھا نہ پيتي.

24. ھنن کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھنيا ۽ سندس ڪپڙا پاڻ ۾ ورھائڻ لاءِ پُکا وڌائون تہ ڪھڙو ٽڪر ڪنھن کي ٿو ملي.

25. اھو صبح جو نائين بجي جو وقت ھو جڏھن انھن کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھنيا.

26. گناھہ جو اھو سبب لکي ھن جي مٿان ھنيائون تہ ”يھودين جو بادشاھہ.“

29. جيڪي ماڻھو اتان لنگھن پيا، سي پنھنجا ڪنڌ ڌوڻي ٺٺوليون ڪري عيسيٰ کي چون پيا تہ ”واہ واہ! تون تہ ٽن ڏينھن ۾ ھيڪل پيو ڊاھين ۽ ٺاھين.

30. ھاڻي صليب تان ھيٺ تہ لھي ڏيکار ۽ پاڻ کي بچاءِ.“

31. ساڳيءَ طرح سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم عيسيٰ تي چٿرون ڪرڻ لڳا ۽ ھڪٻئي کي چون پيا تہ ”ھي تہ ٻين کي پيو ڇڏائي، پر ھاڻي تہ پاڻ کي بہ نہ ٿو بچائي سگھي.

32. ھاڻي ڏسون تہ ھي مسيح، اسرائيل جو بادشاھہ، ڪيئن ٿو صليب کان ھيٺ لھي اچي، تہ پوءِ اسين بہ ٿا مٿس ايمان آڻيون.“ عيسيٰ سان گڏ جيڪي ماڻھو صليب تي چڙھيل ھئا، تن بہ مٿس چٿرون ڪيون.

33. منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اوندھہ ڇانئجي ويئي، جيڪا ٽپھريءَ تائين ھلي.

34. ٽپھريءَ مھل عيسيٰ وڏي آواز ۾ رڙيون ڪيون تہ ”الوئي، الوئي، لما سبخٿني؟“جنھن جي معنيٰ آھي تہ ”اي منھنجا خدا! اي منھنجا خدا! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آھي؟“

35. جيڪي ماڻھو اُتي بيٺا ھئا تن مان ڪن ھن جا اھي لفظ ٻڌا ۽ چيائون تہ ”ڏسو، ھو الياس نبيءَ کي سڏي رھيو آھي.“

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 15