نئين عهد نامي

مرقس 15:1-16 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. سردار ڪاھن صبح جو سوير ئي بزرگن، شريعت جي عالمن ۽ سڄي ڪائونسل سان اچي مليا ۽ پنھنجا منصوبا سٽڻ لڳا. اُھي عيسيٰ کي ٻڌي وٺي ويا ۽ وڃي پلاطس جي حوالي ڪيائونس.

2. پلاطس کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون يھودين جو بادشاھہ آھين؟“ عيسيٰ جواب ڏنو تہ ”اھو تہ اوھين پاڻ ٿا چئو.“

3. سردار ڪاھنن عيسيٰ تي ڪيترين ئي ڳالھين جون تھمتون ھنيون.

4. تنھنڪري پلاطس کانئس وري پڇيو تہ ”ڇا تون ڪجھہ نہ چوندين؟ ڏس، ھنن تو تي ڪيتريون ڳالھيون مڙھيون آھن.“

5. وري بہ عيسيٰ ھڪ لفظ بہ نہ ڳالھايو، تنھن تي پلاطس ڏاڍو حيران ٿي ويو.

6. پلاطس ھر عيد فصح جي موقعي تي ھڪ قيدي آزاد ڪندو ھو، جنھن جي لاءِ رعيت چوندي ھيس.

7. انھن ڏينھن ۾ برابا نالي ھڪ ماڻھو جيل ۾ ٻين باغين سان گڏ ھو جن ھڪڙي فساد ۾ خون ڪيو ھو.

8. جڏھن خلق اچي گڏ ٿي ۽ دستور موجب پلاطس کان مروت گھريائون،

9. تڏھن ھن انھن کان پڇيو تہ ”ڇا اوھين چاھيو ٿا تہ آءٌ اوھان جي خاطر يھودين جي بادشاھہ کي آزاد ڪريان؟“

10. ڇاڪاڻ⁠تہ ھن ڄاتو پئي تہ ”سردار ڪاھنن حسد کان عيسيٰ کي قيد ڪري مون وٽ آندو آھي.“

11. پر سردار ڪاھنن خلق کي سمجھائي ڇڏيو ھو تہ ھو عيسيٰ جي بدران برابا کي انھن جي خاطر آزاد ڪري.

12. پلاطس وري بہ ورجائي پڇين تہ ”جنھن کي اوھين يھودين جو بادشاھہ ٿا سڏيو، تنھن کي آءٌ ڇا ڪريان؟“

13. تنھن تي انھن رڙيون ڪري چيو تہ ”انھيءَ کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻو.“

14. تڏھن پلاطس پڇين تہ ”ڇو، ھن ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آھي؟“ پر ھنن وٺي وڏيون رڙيون ڪيون تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻو.“

15. پلاطس تہ ماڻھن کي راضي رکڻ ٿي گھريو، سو ھن برابا کي انھن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو ۽ عيسيٰ کي چھبڪ ھڻائڻ کان پوءِ سپاھين جي حوالي ڪيائين تہ ”وڃي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻوس.“

16. سپاھي عيسيٰ کي گورنر جي محلات جي اڱڻ ۾ وٺي آيا ۽ پنھنجن ٻين ھمراھن کي سڏيائون.

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 15