نئين عهد نامي

مرقس 14:61-72 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

61. پر عيسيٰ ماٺ ۾ رھيو ۽ ھڪ لفظ بہ نہ ڪڇيائين. وڏي سردار ڪاھن کانئس ٻيھر پڇيو تہ ”ڇا تون مسيح، سڳوري خدا جو فرزند آھين؟“

62. تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھائو، آءٌ آھيان ۽ اوھين ابن⁠آدم کي خدا تعاليٰ جي ساڄي پاسي ويٺل ۽ آسماني ڪڪرن ۾ ايندي ڏسندا.“

63. تڏھن وري سردار ڪاھن پنھنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”اسان کي وڌيڪ شاھدي نہ کپي.

64. اوھان ھن جا ڪفر وارا لفظ ٻڌا، ھاڻي اوھان جي ڪھڙي مرضي آھي؟“ تنھن تي انھن سڀني اھا راءِ ڏني تہ ”عيسيٰ کي موت جي سزا ڏني وڃي.“

65. انھن مان ڪي عيسيٰ کي ٿڪون ھڻڻ لڳا ۽ ڪي سندس اکيون ٻڌي کيس ٺونشا ھڻڻ لڳا ۽ چونس پيا تہ ”نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنھن تو کي ڌڪ ھنيو؟“ پھريدارن کيس چماٽون بہ ھنيون.

66. پطرس اڃا تائين اڱڻ ۾ ويٺو ھو تہ ھڪ نوڪرياڻي ھن وٽان اچي لنگھي.

67. جڏھن ھن پطرس کي پاڻ باھہ تي سيڪيندي ڏٺو تہ ھن ڏانھن چتائي نھاريندي چيائين تہ ”تون بہ عيسيٰ ناصريءَ سان گڏ ھئين.“

68. پر ھن انڪار ڪيو ۽ چيائين تہ ”آءٌ نہ ٿو ڄاڻان ۽ نہ ٿو سمجھان تہ تون ڇا چئي رھي آھين.“ ھو اھو جواب ڏيئي ٻاھر ڏيڍيءَ ۾ ھليو ويو تہ ايتري ۾ ڪڪڙ ٻانگ ڏني.

69. جنھن نوڪرياڻيءَ پطرس کي ڏٺو ھو تنھن اُتي بيٺل ماڻھن کي چيو تہ ”ھي انھن مان ھڪڙو آھي.“

70. پر ھن وري بہ انڪار ڪيو. ٿوري وقت کان پوءِ جيڪي اُتي بيٺا ھئا تن بہ پطرس کان پڇيو تہ ”سچي! تون انھن مان نہ آھين ڇا؟ ڇوتہ تون بہ گليلي پيو ڏسجين.“

71. تنھن تي پطرس لعنت وجھندي چيو تہ ”خدا جي مون تي مار پوي جو آءٌ ڪوڙ ڳالھايان. آءٌ ان ماڻھو کي نہ ٿو سڃاڻان، جنھن جي اوھين ڳالھہ ڪريو ٿا.“

72. تنھن کان پوءِ ستت ئي ٻيو دفعو ڪڪڙ ٻانگ ڏني تہ پطرس کي عيسيٰ جو چيو ياد اچي ويو تہ ”ڪڪڙ جي ٻہ دفعا ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا مون بابت انڪار ڪندين تہ ’آءٌ نہ ٿو سڃاڻانس.‘“ اھو خيال ايندي ئي ھو اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو.

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 14