نئين عهد نامي

مرقس 14:50-53 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

50. تڏھن سڀيئي شاگرد عيسيٰ کي ڇڏي ڀڄي ويا.

51. ھڪڙو نوجوان جنھن کي رڳو چادر ويڙھيل ھئي، سو عيسيٰ جي پٺيان پئي آيو. انھن ڪوشش ڪئي تہ ھن کي پڪڙن.

52. پر ھو چادر ڇڏي اگھاڙو ئي ڀڄي ويو.

53. پوءِ اھي عيسيٰ کي وڏي سردار ڪاھن جي گھر وٺي آيا، جتي سڀيئي سردار ڪاھن، بزرگ ۽ شريعت جا عالم اچي گڏ ٿيا ھئا.

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 14