نئين عهد نامي

مرقس 14:43-58 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

43. عيسيٰ اڃا ڳالھايو ئي پئي تہ ٻارھن شاگردن مان يھوداہ نالي شاگرد آيو ۽ انھيءَ سان گڏ ھڪڙي ٽولي تلوارن ۽ لٺين سان ھئي، جنھن کي سردار ڪاھنن، شريعت جي عالمن ۽ بزرگن موڪليو ھو.

44. ھن دغاباز انھن کي اھا نشاني سمجھائي ھئي تہ ”جنھن ماڻھوءَ کي آءٌ چميان سو عيسيٰ ھوندو. ان کي پڪڙجو ۽ پھري ھيٺ وٺي وڃجوس.“

45. ھو پھچڻ شرط سڌو عيسيٰ وٽ آيو ۽ اچي ”سائين! سائين!“ ڪري کيس چمي ڏنائين.

46. پوءِ تہ ھنن عيسيٰ کي ٻڌي قابو ڪيو.

47. پر ھڪڙو شخص جيڪو ڀرسان بيٺو ھو، تنھن پنھنجي تلوار ڪڍي وڏي ڪاھن جي نوڪر کي ھنئي ۽ سندس ڪن ڪپي وڌائين.

48. پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ڇا آءٌ ڄڻ ڪو ڌاڙيل ھوس جو اوھين تلوارون ۽ لٺيون کڻي مون کي پڪڙڻ لاءِ آيا آھيو؟

49. ھيڪل ۾ تہ آءٌ روزانو ويھي تعليم ڏيندو ھوس پر ان وقت تہ اوھان ڪڏھن بہ مون کي نہ پڪڙيو. پر لکت ضرور پوري ٿيندي.“

50. تڏھن سڀيئي شاگرد عيسيٰ کي ڇڏي ڀڄي ويا.

51. ھڪڙو نوجوان جنھن کي رڳو چادر ويڙھيل ھئي، سو عيسيٰ جي پٺيان پئي آيو. انھن ڪوشش ڪئي تہ ھن کي پڪڙن.

52. پر ھو چادر ڇڏي اگھاڙو ئي ڀڄي ويو.

53. پوءِ اھي عيسيٰ کي وڏي سردار ڪاھن جي گھر وٺي آيا، جتي سڀيئي سردار ڪاھن، بزرگ ۽ شريعت جا عالم اچي گڏ ٿيا ھئا.

54. پطرس ٿورو پٺيان پئي آيو، سو بہ وڏي سردار ڪاھن جي گھر جي اڱڻ ۾ آيو. اُتي ھو پھريدارن سان گڏ ھيٺ ويھي رھيو ۽ پاڻ کي باھہ تي سيڪڻ لڳو.

55. سردار ڪاھنن ۽ سڄي ڪائونسل ڪوشش پئي ڪئي تہ عيسيٰ خلاف ڪا شاھدي ملين تہ جيئن کيس موت جي سزا ڏيارين، پرکين ڪابہ شاھدي ملي نہ سگھي.

56. ڪيترن ئي شاھدن عيسيٰ جي خلاف شاھديون ڏنيون، پر اھي ڪوڙيون ثابت ٿيون.

57. پوءِ ڪي ماڻھو اُٿي بيٺا ۽ عيسيٰ تي ھيءَ تھمت ھنيائون تہ

58. ”اسان ھن کي ھي چوندي ٻڌو آھي تہ ’آءٌ ماڻھن جي ٺھيل ھيڪل کي ڊاھيندس ۽ ٽن ڏينھن کان پوءِ اھڙو ھيڪل ٺاھيندس جيڪو ماڻھن جو ٺھيل نہ ھوندو.‘“

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 14